اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي ان جي حال تي ڇڏيو وڃي پر ان  کي ڌرڻو هڻڻ نه ڏنو وڃي. ذريعن موجب ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ن ليگ پارٽي قائد نواز شريف سان رابطو ڪيو ۽ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف اڳواڻن کي تحريڪ انصاف سان ڳالهيون نه ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف کي ان جي حال تي ڇڏيو وڃي پر ان کي ڌرڻو هڻڻ نه ڏنو وڃي.