اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي لانگ  مارچ دوران رستن جي بندش ۽ گرفتارين خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڳجهن ادارن جي رپورٽ موجب عمران خان تي آپگهاتي حملي جو خطرو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار طرفان پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ اٽارني جنرل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته عمران خان جي زندگي کي خطرو آهي، ڳجهن ادارن جي رپورٽ موجب عمران خان تي آپگهاتي حملي جو خطرو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته توهان اصل اشو کان پري وڃي رهيا آهيو.