راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان دعويٰ ڪئي آهي پي ٽي آءِ باني کي ڊيل تحت جيل مان آزاد ڪرڻ سميت سمورا ڪيس ختم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي پر هن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. راولپنڊي جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هجي ۽ هڪ مثبت سوچ لاءِ بيٺو آهي. عليمه خان موجب، عمران خان جو چوڻ آهي ته سندس خلاف جيڪي به ڪيس آهن هو انهن کي منهن ڏيندو. هن چيو ته عمران خان کي ظلم ۽ غلاميءَ جي زندگيءَ خلاف آواز اُٿارڻ تي جيل ۾ وڌو ويو آهي، جيڪڏهن اسان ظلم خلاف آواز نه اُٿارينداسين ته ظلم وڌندو رهندو.