اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان معيشت جو جيڪو حشر ڪيو آهي ان جي قيمت  عوام ادا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان جي يادداشت ڪمزور آهي ان کي ڪجهه ياد ڏيارڻ جي ضرورت آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب عمران جي دور ۾ ڪرپشن وڌي هئي. وزيراعظم چيو ته عمران خان جي دور ۾ وڏن اسڪينڊلز کانسواءِ بدلين ۽ مقررين به پئسا ورتا ويندا هئا. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته عمران نيازي ملڪ جي عالمي وقار، مقام ۽ دوستن ملڪن سان لاڳاپن کي شديد نقصان پهچايو، اقتدار جي هوس ۾ توازن جو احساس وڃائي ويٺو، جنهن جو ثبوت سندس ڪوڙ، پروپيگنڊا ۽ حقيقين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ آهي.