اسلام  آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ، پ پ، جي يو آءِ ۽ ٻين پارٽين تي مشتمل حڪمران اتحاد عمران خان جي الزامن ۽ تنقيد تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيف جسٽس پاڪستان  کان  پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت داخل درخواستن تي فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. حڪمران اتحاد طرفان جاري ڪيل گڏيل گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي فل ڪورٽ بينچ ڪري، سپريم ڪورٽ جي نظرثاني درخواست، موجودا درخواست ۽ ٻين لاڳاپيل درخواستن کي گڏائي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هي انتهائي اهم، قومي، سياسي ۽ آئيني معاملا آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۾ مقننه، عدليه ۽ انتظاميا جي اختيارين جي واضح لڪير ڪڍيل آهي، عمران خان اها لڪير ڊاهڻ گهري ٿو، عمران خان هر هر سياست ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري رهيو آهي، سندس ڏڦيڙ جو مقصد احتساب کان بچڻ، پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ ۽ چور دروازي سان اقتدار ۾ اچڻ آهي، پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو ته عمران خان ملڪ جي آئين، عوام جي حڪمراني واري حق، جمهوري نظام جو معيشت وانگر ڏيوالو ڪرڻ چاهي ٿو ، سندس سوچ ۽ رويو پاڪستان جي رياستي نظام لاءِ اڏوهي بڻجي چڪو آهي . حڪمران اتحاد عزم ورجائي ٿو ته آئين، جمهوريت ۽ عوام جي حڪمراني واري حق تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، حڪمران اتحاد ۾ شامل جماعتون هر فورم ۽ ميدان تي گڏجي پنهنجي عزم لاءِ اڳتي وڌنديون ۽ فسطائيت جي ڪارين اونداهين جو ڄمي مقابلو ڪنديون.