عمران خان کي نئون پاڪستان گهرجي

0
156
تخت لاهور جي لڙائي

عمران خان جيڪو شهباز شريف کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو پنهنجي نئين پاڪستان ۾ عمران خان هڪ ڏينهن به آئيني ذميواريون پوريون  ڪرڻ لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ڪئي، جنهن ڪري عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ اليڪشن ڪميشن جهڙا ادارا به پنهنجن ميمبرن جي مقرري واري مرحلي جو انتظار  ڪندا رهيا. جنهن چيف اليڪشن ڪمشنر تي هينئر عمران خان کي ڪاوڙ آهي ان چيف اليڪشن ڪمشنر جي طرفان ڪير پڇي  ته اليڪشن ڪميشن مڪمل ڇو نه آهي.  عمران خان ملڪ جي نظام کي هلائڻ لاءِ شهباز شريف کان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تائين ڪنهن سان به ڳالهائڻ پنهنجي توهين سمجهندو هو. عمران خان جنهن جي وڏي خواهش هئي ته شريف خاندان سڄي عمر جيل حوالي هجي، هاڻي اهو عمران خان هي ڪيئن قبول ڪري ته ساڳيو شهباز شريف جنهن سان هو هٿ ملائڻ به پنهنجي توهين سمجهندو هو اهو شهباز شريف هاڻي هن ملڪ جو وزيراعظم هجي، سندس پٽ حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير هجي ان ڪري عمران خان ملڪ جي نظام کي پنهنجي خواهشن جي تڪميل خاطر مفلوج ڪرڻ چاهي ٿو.  ان ڪري هينئر ملڪ جو نظام مفلوج بڻيل آهي.

وفاقي سطح تي معاملا شهباز شريف لاءِ جيتوڻيڪ صاف ٿي چڪا آهن، پر پنجاب جي حدتائين معاملا منجهيل آهن. هن وقت پنجاب ۾ عثمان بوزدار به پاڻ کي وڏو وزير پيو سمجهي ته حمزه شهباز به پاڻ کي وڏو وزير پيو سڏرائي. ساڳي صورتحال قومي اسيمبلي جي فلور تي مخالف ڌر جي اڳواڻ جي نظر اچي ٿي جيڪو ملي  ٿو اهو چوي ٿو مان آهيان مخالف ڌر جو اڳواڻ. وفاقي سطح تائين ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي به پنهنجي ڪپتان جي نقش قدم تي ايئن ئي هلڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن قاسم سوري کان پنجاب جي گورنر تائين ڪري رهيا آهن پر هڪ ته ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جو صدر آهي ٻيو  اسلام آباد ۾ آهي جنهن ڪري سندس طبعيت جي خرابي واري خبر سڄي دنيا  تائين ڦهلجي وئي. ساڳئي وقت سينيٽ جو چيئرمين صادق سنجراڻي سندس ذميواريون احسن طريقي سان نڀائيندو رهيو، تنهن ڪري ڊاڪٽر عارف علوي جي طبعيت جلد بهتر ٿي وئي. هينئر هو شهباز شريف سان ملاقاقت ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو کان به وزير خارجه جو حلف کڻايو آهي، بلاول ڀٽو سان ملاقات به ڪئي آهي، اها ساڳي طبعيت جيڪڏهن عمران خان جي به ايئن ئي بهتر ٿي وڃي ها ته عمران خان  هينئر به نئين پاڪستان ۾ وزيراعظم هجي ها.

پر عمران خان پنهنجي طبعيت ۾ تبديلي نه آندي جنهن ڪري ملڪ هاڻي پراڻي پاڪستان ڏانهن واپس خير سان پهچي ويو آهي جنهن جو وزيراعظم شهباز سريف ۽ وزير خارجه بلاول ڀٽو آهن. عمران خان جا سمورا سرپرائيز پهرين ڏينهن کان ناڪام ٿي رهيا آهن اهي چاهي اسپيڪر جي صورت ۾ هجن ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي صورت ۾ هجن يا ڊاڪٽر عارف علوي وارا سرپرائيز  هجن. هينئر به پنجاب ۾ جيڪو بحران آهي اهو سرپرائيز به جلد عمران خان جي خواهشن جي ابتڙ حل ٿي ويندو جنهن لاءِ گورنر پنجاب جي تبديلي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ايڊوائيز صدر کي اماڻي ڇڏي آهي.صدر آئيني لحاظ کان پابند آهي ته ان ايڊوائيز تي هڪ مهيني اندر عمل ڪري ان ڪري ان ايڊوائيز کي به هفتي کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب جو گورنر به تبديل ٿي ويندو، جڏهن ته عدالتي معاملا به ان عرصي ۾ هلندا رهندا. هڪ طرف عمران خان پنهنجن منحرف ميمبرن جا معاملا اليڪشن ڪميشن کان عدالت تائين پهچائي انهن جي ميمبر شپ معطل ڪرائڻ چاهي ٿو پر ساڳئي ئي ادارن جا شهباز شريف يا حمزه شهباز جي حق ۾ آيل فيصلن کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهي. هي جيڪو عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف محاذ قائم ڪيو آهي اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو. عمران خان جو هر عمل ايڪشن ريپلي واري دائري ۾ اچي ٿو ان  کان اڳ به عمران خان سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان سندس فيصان تي ايئن ئي ڳالهائيندو رهيو آهي.

گهڻو وقت اڳ اليڪشن ڪميشن ايئن عمران خان جي تقرير جو سمورو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو هو، عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو هو تڏهن فارين فنڊنگ ڪيس جو ڪنهن نالو به ڪو نه ٻڌو هو تڏهن اڪبر ايس بابر کان گهڻو واقف نه هئاسين تڏهن به عمران خان اليڪشن ڪميشن جي گهرائڻ کي مذاق تصور ڪندي چوندو هو ته اليڪشن ڪميشن به نوٽيس ٿي جاري ڪري. بلڪل ايئن جيئن سندس وڪيل بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ جي نوٽيس تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ئي چيو هيو ته “ نوٽيس مليا تي ڪڪ نا هليا” پوءِ سپريم ڪورٽ جيڪا بابر عواڻ سان ڪئي اها سڄي دنيا صورتحال ڏٺي. فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي به اليڪشن ڪميشن کي جهنم جي باهه ۾ پهچائڻ وارا اعلان ڪري چڪا هئا جن بعد ۾ معافيون وٺي جان ڇڏائي، فواد چوڌري ته اليڪشن ڪميشن اندر اچي وفاقي وزير هوندي به چيو هو ته مان وڪيل آهيان. ان ڪري عمران خان به ٽن ڏينهن ۾ جڏهن نوٽيس کي مذاق قرار ڏنو تنهن وقت جي اليڪشن ڪميشن جڏهن پنهنجي آئيني حيثيت ۽ اختيار ڏيکاريو تڏهن عمران خان کي اليڪشن ڪميشن ۾ ذاتي حيثيت ۾ پهچي لڪي معافي وٺڻي پئي هئي. عمران خان اها معافي نه وٺي ها ته شايد وزيراعظم به ٿي نه سگهي ها. اڳوڻي چيف جسٽس چوڌري افتخار جي زماني ۾ توهين عدالت جو جڏهن نوٽيس مليو تڏهن به چوڌري افتخار عمران خان کي عدلت اندر مخاطب ٿي چيو هو ته عمران خان توهان عمران خان آهيو جنهن ڪري توهان جي تقرير جو نوٽيس ورتو آهي نه ته ڪيترائي روز ٿا ڳالهائين انهن جو نوٽيس ناهيون وٺندا.

عمران خان کي وڏي عرصي کان اها ايڊوائيز هر اداري هر پارٽي هر شخص جي طرفان ملي رهي آهي ته اهي عمران خان آهن پر عمران خان پنهنجي ڪنٽينر کان لهڻ لاءِ تيار ئي ناهي. هينئر به چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جيڪو عمران خان جي تقريرن جو ريڪارڊ گهرايو آهي ان مان لڳي ٿو هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان کي اليڪشن ڪميشن پهچي لڪي معافي وٺڻي پوندي. عمران خان آئيني ادارن کي پي ٽي وي سينٽر سمجهي انهن تي چڙهائي کي آسان حدف سمجهي ٿو پر اهو تحريڪ انصاف لاءِ ڪڏهن به ايترو آسان ناهي رهيو. عمران خان جنهن شهباز سان ڳالهائڻ پسند نه ڪندو هو اهو جتي ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويو آهي اتي ئي جنهن بلاول ڀٽو جي اردو کيس سمجهه  ۾ نه ايندي هئي اهو بلاول ڀٽو ملڪ جو هينئر نوجوان وزير خارجه جو عهدو حاصل ڪري چڪو آهي. شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو هينئر سعودي عرب جي دوري تي به پهچي چڪا آهن. شهباز شريف حڪومت جي ترجمان مريم اورنگزيب  پنهنجي بيان ۾ اهو به واضح ڪري چڪي آهي ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر به تبديل نه ٿيندو. عمران خان وارا هينئر آرمي چيف جي مقرري معاملي کي هينئر کان ئي بحث هيٺ آڻي رهيا آهن،انهن جو اهو خيال آهي ته شهباز شريف کي اهو  حق نه آهي ته هو آرمي چيف جي مقرري ڪري ڇڏي.

شهباز شريف ملڪ جو وزيراعظم آهي آئيني لحاظ کان شهباز شريف کي ئي نئين آرمي چيف جي مقرري ڪرڻي آهي جنهن ڪري عمران خان هينئر کان ئي سڄي ملڪ جا دورا ڪري اليڪشن جي اعلان ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جا مطالبا ڪري رهيو آهي. ساڳئي وقت سپريم ڪورٽ کان به عمران خان سوال ڪري رهيو آهي ته آخر اهڙو ڇا ٿيو هو جو رات جو 12هين وڳي سپريم ڪورٽ جا در کوليا ويا. عمران خان جي اهڙي دٻاءُ جي نتيجي ۾ مريم نواز جي پاسپورٽ واري معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان ايئن ئي ملڪ جي نظام کي مفلوج ڪرڻ چاهي ٿو پر هي صرف مريم نواز جي پاسپورٽ جي واپسي جو معاملو ڪونهي هي ملڪ جي نظام جو معاملو آهي. ان کان اڳ اسان به ايئن ئي شهباز شريف سان مذاق ڪندا هئاسين جيئن هينئر حمزه شهباز سان ٿي رهيو آهي شهباز شريف کي وزيراعظم مقرر ڪرڻ کانپوءِ به معاملا وڃي عدالت پهتا هئا تڏهن صحافي کيس چوندا هئا ته وزيراعظم ٿيڻ توهان جي قسمت ۾ ناهي پر جڏهن آئين پنهنجا اختيار ڏيکاريا ته عمران خان رات جو ٻارهين وڳي وزيراعظم نه رهيو.

ان ڪري هينئر عمران خان پنهنجي ڊي چوڪ وارو فارمولو ميدان ۾ آڻي رهيو آهي سندس ڊي چوڪ وارو ڌرڻو تڏهن پنهنجا گهربل نتيجا حاصل ڪري نه سگهيو هو جنهن وقت ساڻس سياسي ڪزن ڊاڪٽر طاهر القادري به گڏ هو جڏهن سندس چواڻي ته امپائر جي آڱر به اٿندي هئي، جڏهن  ملڪ جو گهرو کاتي جو وفاقي وزير چوڌري نثار به سندس دوستن ۾ شمار ٿيندو هو، جڏهن عمران خان عوام کي اسٽيٽسڪو کان آزادي جا خواب ڏيکاريندو هو جڏهن عمران خان هڪ ڏينهن به حڪومت نه ڪئي هئي. هينئر نه سياسي ڪزن ڊاڪٽر قادري ساڻس گڏ آهي، نه ئي چوڌري نثار وفاقي وزير آهي هينئر راڻا ثناءُ الله گهرو کاتي جو وفاقي وزير آهي جڏنهن ته عمران خان جي پنهنجي ٽن چئن سالن واري حڪومت جي ڪارڪردگي به چڱي ناهي. ان ڪري هينئر عمران خان ڊي چوڪ اچي ته سگهي ٿو پر پراڻي پاڪستان کي وري نئين پاڪستان ڏانهن واپس ڪري نه سگهندو.