سنڌ جي ترقي جي ايجنڊا ۽ پيپلز پارٽي

0
416
‎عمران خان، نئين پاڪستان کان آزاد پاڪستان جو سفر ۽ سنڌ

 پيپلز پارٽي گذريل 14 سالن کان سنڌ تي حڪومت ۾ آھي ۽ ان حساب سان ان جو احتساب به ٿيڻ کپي ۽ اھو به ڏسڻ گھرجي ته سنڌ اڄ کان 14 سال پھرين ڪٿي بيٺل ھئي ۽ اڄ جي سنڌ ۾ ڇا وھي واپري ٿو؟

 منھنجي خيال ۾ ان تي گھڻو ڪجھه لکيو به ويو آھي اڃا به لکبو پر منھنجو اڄ جو موضوع سنڌ جي ترقي ۽ ان ۾ پ پ پ جي ڪردار تي آھي، ترقي جا پيراميٽرس ڪيترائي ٿي سگھن ٿا پر جن کي آئون اھم سمجھان ٿو انھن ۾ ھيٺيان بنيادي  عنصر آھن ۽ ان کان پوءِ ڪجھه ٻين محرڪن تي به لکندس.

اچو ته پھرين انھن ڪجھه بنيادي عنصرن تي لکون جيڪي ھڪ سنڌي، ھڪ انسان  ۽ اسان جون بنيادي ضرورتن ۾ شامل آھن:

١. پاڻي

  سنڌ جو سماج جيئن ته ھڪ زرعي سماج آھي ۽ اسانجو گھڻو دارومدار زراعت تي آھي ۽ پاڻي ان ۾ ڪرنهگي  وانگر آھي، پاڻي جي ورڇ ته پاڪستان جي ليول تائين ھميشه ھڪ وڏو مسئلو رھيو آھي ۽ جيئن ته ان جو سڌو تعلق جياپي سان آھي ته ان جي اھميت به وڌيڪ آھي. پاڻ پاڪستان کان سنڌ جي پاڻي جي حصي تي ته نه ٿا ڳالھايون، پاڻ ھاڻ اچو ته اھو ڏسون ته سنڌ کي ملندڙ پاڻي جي ورھاست ڪيتري ايمانداري ۽ سچائي سان ڪئي ٿي وڃي. جڏھن ان تي غور فڪر ڪجي ٿو ته اھو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌ ۾ پاڻي جي ورھاست جو ڪو جامع نظام ۽ ان جي ڪنٽرول جو ڪو جامع سرشتو موجود ڪونھي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو پھاڪو فٽ بيھي ٿو. جيڪو دريا جي اڳياڙ ۾ ھجي، واھه جي اڳياڙ ۾ ھجي يا ڪنھن واٽر ڪورس جي اڳياڙ ۾ اھو پھرين پنھنجو پيٽ ڀري ٿو پوءِ جيڪو پاڻي بچي ٿو اھو پوڇڙ تائين پھچي ٿو.  پاڻي جي ورڇ ھڪ وڏو مسئلو آھي ۽ ان تي پيپلز پارٽي جي حڪومت کي ضرور سوچڻ کپي ۽ ان تي ھڪ جامع منصوبه بندي ڪري ان جي ورھاست کي يقيني بنائي. ان تي ھڪ مثال ڏيندو ھلان ته بدين ضلعو پ پ پ جو ڳڙھ رھيو آھي ۽ ڪڏھن به بدين پ پ پ کي مايوس نه ڪيو آھي پر اتي پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ آھي جنھن وقت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ بمپر فصل ٿا لھن ان وقت بدين ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ھجي ته يقين سان اھو چئي سگھجي ٿو ته پاڻي جي ورھاست جو ڪو نظام موجود ڪونھي.جڏھن اسين پاڻي جي مناسب ورھاست ڪري وينداسين ته سنڌ جي جياپي جو مسئلو حل ٿي ويندو.

٢. تعليم

ھي ھڪ اھڙو سبجيڪٽ آھي جنھن تي تمام گھڻو لکيو وڃي ٿو ۽ پ پ پ جي حڪومت وقت ان ڳالھه جي دعوا به ڪري ٿي ته ان تي ڪم به ڪيو اٿن بيشڪ ڪم ٿيو به ھوندو پر اڃا ان تي گھڻي ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آھي. آئون پاڻ ھڪ سرڪاري پرائمري اسڪول ۽ ھاءِ اسڪول ۽ يونيورسٽي مان پڙھي اڄ دنيا جي ڪنھن ترقي يافته علائقي ۾ پھتل آھيان پر اڄ جڏھن موٽ کائي سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري سرڪاري اسڪولن کي ڏسان ٿو ته مونکي اسڪولن م اھو جوش جذبو اھي ذميوار استاد ڏسڻ ۾ نٿا اچن. ھتي ڳالھه مجموعي بنياد تي ڪجي ٿي بلڪل اڄ به ڪيترائي نوجوان پنھنجون ذميواريون ايمانداري سان نڀائيندا ھوندا پر ان شعبي کي ترقي وٺرائڻ ۾ ئي سنڌ جي ترقي راز رکيل آھي. تعليم صرف رواجي تعليم نه ھجڻ گھرجي پر اڄ جي دور جي مناسبت سان اسان کي دنيا سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تعليم جا نوان رستا ڳولڻا پوندا جدت پيدا ڪرڻي پوندي.

اسان کي سنڌ ۾ ھڪ جديد قسم جي ٽيڪنيڪل ادارن جي چين جي ضرورت آھي جتي اسان اسڪلڊ ليبر فورس پيدا ڪري سگھون ۽ جڏھن اسان وٽ اھي ھٿ جي ھنر وارا اسڪلڊ ھيومن ڪيپيٽل ھوندو ته اسان جا نوجوان سرڪاري نوڪرين جي جاءِ تي پرائيويٽ ڪمپنين ۾ ڪم ڪرڻ جا اھل ھوندا ۽ اھو ورڪ فورس دنيا ۾ ڪٿي به وڃي غير ملڪي ناڻو ڪمائي پنھنجو ، سنڌ ۽ پاڪستان جو ڀلو ڪري سگھندا. جيتريقدر آئون سمجھان ٿو ته سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ ڪم ڪري پئي پر ان تي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ يونيورسٽين کي به صنعتن سان ڳنڍجي جيئن اسان جا انجنيئر ملڪ لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگھن.

پاڻي ۽ تعليم کان پوءِ ھيٺيون فيڪٽر به تمام اھم آھي.

٣. صحت

مونکي اھو مڃڻ ۾ ذرو به عار ڪونھي ته سنڌ حڪومت صحت جي معاملي تي گھڻو ڪم ڪيو آھي ايئن چئجي ته نرشري ڪيئر تي وڏو ڪم ٿيو آھي ۽ اھو ھڪ بھترين عمل آھي ان جا مثال NICVD ۽ جناح ھاسپٽل جھڙا بھترين ادارا آھن.

اچو ته ٿورو بيسڪ ھيلٿ ڏانھن ڏسون اسان وٽ بيسڪ ھيلٿ جا يونٽ ھجن تعلقي اسپتالون ھجن يا ڊسٽرڪٽ ليول جون اسپتالون اتي گھڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي انھن جي حالت تمام خراب آھي.ان کانپوءِ اسان ٽراما يا برن سينٽر يا ايمرجنسي ريسپانس ۽ايمبولينسز کي ڏسون ته اھو چئي سگھجي ٿو ته سنڌ حڪومت ان معاملي ۾ بلڪل ناڪام وئي آھي. ان بنيادي ضرورت جو ھڪ جامع حل ضروري آھي ان لا ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته 1122 جھڙو ادارو ٺاھڻ جو سوچيو پيو وڃي، سنڌ جي عوام جي اھا گھر تمام پراڻي آھي. منھنجي خيال ۾ اھو ادارو تعلقي نه پر يونين ڪائونسل ليول تائين ھجڻ گھرجي ۽ ھر يونين ڪائونسل ۾ ٻه ايمبولينسز ،پلس فائر ٽينڊرس ۽ ايمرجنسي ريسپانس جو جامع سيٽ اپ ھجڻ گھرجي، جڏھن اسان اھو ڪري وياسين ته اسان عام ماڻھن جي زندگي ۾ ھڪ واضح بھتري ڏسنداسين ۽ ان جو فائدو يقينن پ پ پ کي به ٿيندو.

پاڻي، تعليم ۽ صحت کانپو اھم فيڪٽر ھيٺيون آھي

٤. روڊ رستا

ڪنھن به ترقي يافتا ملڪ يا خطي جي ترقي جو پھريون اھڃاڻ ان جا روڊ رستا ھوندا آھن اسان جيئن ئي يو اي اي مان واپس پنھنجي ديس پھچون ٿا ته ايئن لڳي ٿو اسان ڪنھن کنڊرات ۾ پھتل ھجون. آئون اھو نٿو چوان ته اسان اڄ ئي دبئي جھڙا روڊ ٺاھيون پر جنھن حساب سان اسان وٽ قدرتي وسيلن سان مالا مال خطو آھي ان کي ھڪ مربوط روڊ رستن جي نظام جي ضرورت آھي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ڪم ڪيا به آھن، ڪري به پئي پر اڃا گھڻو ڪجھه ڪرڻ جي ضرورت آھي. اڪثر ڳوٺن جي رستن لاءِ چيو ويندو آھي ته اھي ڪاغذن ۾ ٻه چڪر ٺھي چڪا پر حقيقت ۾ ھڪ پٿر به نه لٿو، انھن شين تي ضابطي جي سخت ضرورت آھي ۽ سنڌ حڪومت کي ان ڪم تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.خاص ڪري ڳوٺن جا لنڪ روڊ ٺاھڻ گھرجن ان سان اسان جو فصل وقت سان منڊي ۾ پھچندو ۽ سنڌ جو ھاري مزدور سک جو ساھه کڻندو.

منھنجي خيال ۾ مٿيان ذڪر ڪيل سڀ فيڪٽر بنيادي ضرورتن ۾ شامل آھن ۽ جي سنڌ حڪومت سنجيده ٿي انھن فيڪٽرس تي ڪم ڪري ته سنڌ جي ترقي جو خواب ساڀيان ٿيندي نظر ايندو ۽ پ پ پ کي فائدو به ٿيندو ۽ مستقبل ۾ ھو وفاقي حڪومت ٺاھڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادي ڪري سگھن ٿا. انھن بنيادي ضرورتن کانپوءِ جيڪي ٻيا سيڪنڊري فيڪٽر آھن انھن تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي جن ۾ خاص ڪري ، رانديون، منشيات تي ضابطو، ٽوئرزم، ماھيگيري ۽ ٻيا به ڪيترائي فيڪٽر آھن. خواھشون ته اسان ھزارين ڪري ٿا سگھون پر اڄ جي ھن ڊجيٽل دنيا ۾ سنڌ اڄ به بنيادي ضرورتن لاءِ دانھين ٿي ۽ سنڌ جي حڪومت گذريل 14 سالن کان پ پ پ وٽ ھجڻ ڪري اسان اھو مطالبو انھن کان ئي ڪريون ٿا ته اڄ ڪجھه ڪريو نه ته سڀاڻي متان اوھان کي موقعو نه ملي.