قرآن مجيد ۽ سماج

0
228
قرآن مجيد ۽ سماج

   آئون به اُن خوشنصيب اڪثريت ۾ شامل آھيان جن ننڍي عمر ۾ قرآن مجيد پڙھي پڄايو، مطلب عربي ۾ پڙھڻ سکيو. جڏھن شعور سنڀاليم ته قرآن شريف کي سمجھڻ واري خواھش پيدا ٿي ،ان سلسلي ۾ سنڌي ترجمي وارو قرآن شريف پڙھڻ شروع ڪيم، پر جلد ئي محسوس ٿيم ته منھنجي سمجھه کان تمام گهڻو مٿانھون آھي، پوءِ پاڻ کي صرف تلاوت تائين محدود رکيم.

 پر ان وقت آئون وڌيڪ حيران ٿيس جڏھن ويجهڙ ۾ ڪجھه عالمي ليکڪن جنھن ۾ ٿامس ڪارلائيل، گيري وِلس، لِزلي ھيزِلٽن وغيرہ کي ٻڌڻ ۽ پڙھڻ جو موقعو مليو، جن به اھو اظھار ڪيوته قرآن مجيد کي عام ڪتابن وانگر نٿو پڙھي سگھجي.ھي سڀ اُھي ليکڪ آھن جن پاڻ سڳورن جي زندگي سميت اسلامي تاريخ بابت بھترين ڪتاب لکيا آھن. گيري ولس ته قرآن مجيد بابت ھڪ ڪتاب لکيو آھي جنھن جو نالو آھي                   (What Quran meant and why it matters?).

ھنن جا ڪتاب مغرب جي دنيا ۾ اسلام جو امن، ڀائيچاري ۽ انصاف وارو پيغام زير بحث آڻين ٿا، جنھن سان اسلامو فوبيا ( اسلام کان نفرت يا خوف ) ۾ گھٽتائي اچي ٿي. لزلي ھيزلٽن ھڪ يھودي اسڪالر عورت آھي جنھن کي اسلامي تاريخ تي تمام وڏي دسترس حاصل آھي.اُن پنھنجي ھڪ خطاب ۾ ٻڌايو ته جڏھن ھُن قرآن مجيد پڙھڻ شروع ڪيو ته ھِن چار ترجمن سان گڏ ستين صدي واري ڇاپي کي سامھون رکيو. قرآن مجيد کي پڙھڻ لاءِ ھن ٽي ھفتا رکيا، پر اھو ڪم ٽن مھينن کان به اڳتي وڌي ويو! قرآن مجيد جو پيغام تمام گهڻو ڳُجھو آھي تنھنڪري سمجھڻ ۾ تمام گھڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي.ھن وڌيڪ اھو چيو، جيئن ته ماڻھو قرآن مجيد نٿا پڙھڻ ان ڪري اھو ٻنھي ڌرين، مسلمانن ۽ سندن مخالفن، لاءِ آسان ٿي پيو آھي ته پنھنجي پسند جا ٽڪرا کڻي Quote يا Misquote ڪن معنيٰ صحيح ۽ غلط حوالا ڏين. مثال، اھا عام ڳالھه آھي ته مردن کي جنت ۾ ٻاھتر حورون ملنديون پر قرآن مجيد ۾ صرف حورن جو ذڪر آھي،

تعداد ٻڌايل ناھي. حورن کان علاوہ به جنت جو تصور موھيندڙ آھي جنھن ۾ باغ ۽ وھندڙ نھرون آھن. ماحولياتي حوالي سان ھڪ خوبصورت ڳالھه آھي، پر افسوس ته يورپ ۾ ته باغ ۽ وھندڙ نھرون جام آھن پر ھتي اسان ماحول دشمن ٿيندا ٿا وڃون. پنھنجي سنڌو درياھه کي ھڪ گٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو اٿائون. جنھن جي ٻنھي ڪنڌين کي شاعرن جنت الفردوس سان تشبيح ڏني آھي. درياهه ۾ گڏيل گٽر جو پاڻي انسان ۽ جانور ٻئي پيئن ٿا. جيڪو پاڻي جانور پئي ٿو اُھو به کير ۽ گوشت جي صورت ۾ انسانن جي پيٽ ۾ پوي ٿو.ان کان علاوہ پوکي به ساڳئي گندي پاڻي تي ڪن ٿا جنهن جا انساني صحت تي تمام خراب اثر پئجي رهيا آهن. عام ماڻھو ته ڇڏيو، ھتان جا مذھبي عالم به قدرتي ماحول بچائڻ جي حوالي سان ڪا خاص مھم ھلائيندي نظر نٿا اچن. ايئن ڇو آھي؟ گندگي، غلاظت ۽ ماحولياتي تباھي سندن ترجيح ۾ ڇو شامل ناھي؟

ان کان علاوہ لزلي ھڪ ٻي وڏي ڪمال جي ڳالھه ڪئي آھي، جنھن سان ھڪ ته قرآن مجيد جي سورہ بقرہ بابت ڦھلايل غلط فھمي دور ٿئي ٿي جنھن ۾ منڪرن کي مارڻ جي اجازت مليل آھي. ھِن سورہ کي بنياد بڻائي اسلامو فوبيا وارا اھا پروپئگنڊا ڪندا آھن ته اسلام تشدد ۽ قتلام کي فروغ ڏيڻ وارو دين آھي. پر لزلي ٻڌائي ٿي ته  حقيقت ايئن ناھي. بلڪل منڪرن کي مارڻ واري ڳالھه ٿيل آھي پر اُن سان گڏ ڪجھه شرط رکيل آھن. مثال، ان صورت ۾ ماريو جڏھن انھن (منڪرن) سان جنگ بندي جو ڪو معاھدو نه ھجي، جيڪڏھن اُھي اڳرائي ڪن، جيڪڏھن توھان کي ڪبعت الله شريف اندر داخل ٿيڻ کان روڪن، پر تڏھن به ياد رکو ته الله  ٻاجھارو ۽ رحم وارو آھي، معاف ڪريو ته بھتر آھي.

مطلب ته زور وري به معاف ڪرڻ تي آھي. لزلي جي وضاحت مان معلوم ٿئي ٿو ته ھي حڪم ھڪ مخصوص حالتن ۾ ڏنل ھو، ۽ اھو به ظاھر ڪري ٿو ته قرآن مجيد ۾ ڪيڏي وڏي لچڪ آھي جنھن جو اسان مسلمانن جي سوچ ۾ تمام گھٽ عڪس نظر اچي ٿو. لزلي جو عزيز جوڻيجو به حوالو ڏنو آھي، جيڪو آمريڪا ۾ “فوڪس آن اسلام” جو اينڪر پرسن رھيو آھي.

قرآن مجيد سماجي سڌارن لاءِ به ھدايت ڪري ٿو. خاص طور، ڪمزور طبقو جنھن ۾ غريب، يتيم، عورتون، غلام ۽ قرضن ھيٺ دٻيل ماڻھن جي ڳالھه ڪري ٿو. گيري ولس مطابق  قرآن مجيد ۾ آھي ته الله تعالي روزا رکڻ، نماز پڙھڻ سان گڏ غلامن کي آزاد ڪرڻ سان به خوش ٿيندو آھي. ھي ڪيڏي وڏي ڳالھه آھي! جيتوڻيڪ قانوني طور اُن دور ۾ غلامي کي ختم نه ڪيو ويو ھو ڇاڪاڻ ته سڄي معيشت غلامن جي رت ۽ پگهر تي بيٺل ھئي. ان کي ختم ڪرڻ مطلب معيشت تباہه ڪرڻ. پر تڏھن به اھا تمام وڏي ڳالھه آھي جو  قرآن مجيد اخلاقي طور غلامي کي ختم ڪرڻ لاءِ ھمٿائي ٿو! ان جو اندازو ان ڳالھه مان لڳايو ته قرآن مجيد جيڪا ڳالھه ستين صدي ۾ ڪئي دنيا ان غلامي کي قانوني طور تازو ويھين صدي ۾ ختم ڪيو آھي! خبر ناھي ڇو اسلامي ملڪن به ھِن حوالي سان ڪا وڏي پيش رفت ۾ ايڏي  دير ڇو ڪئي ؟

سماج اندر انصاف قائم ڪرڻ لاءِ سورہ النساءَ (135) ۾ واضح ھدايت ڏنل آھي. جنھن جو خلاصو ڪجھه ھن ريت آھي، انصاف تي پڪا بيھي رھو، گواھي الله خاطر ڏيو پوءِ ڀلي ان سان توھانجو پنھنجو، توھانجي والدين يا رشتيدارن جو نقصان ٿئي، جنھن جي به خلاف ڏيو، چاھي سامھون وارو غني ھجي يا فقير!ان حد تائين  فرمان ٿيل آھي ته دشمن سان به انصاف ڪريو، دشمني ۾ حق ۽ انصاف جو رستو نه ڇڏيو. ڇا توھان اھو ٻڌائي سگھون ٿا ته پنھنجو سماج ھن آيت جي روشني ۾ ڪٿي بيٺو آھي؟ اسان وٽ ايتري حالت خراب آھي جو عدالتن ۾ قرآن مجيد تي ھٿ رکي ڪوڙيون شاھديون ڏنيون وڃن ٿيون. بلڪه وڪيل ۽ جج پيسن تي شاھديون مٽائي بيڏوھين کي ڦاسائن ٿا! دشمن ته ڇڏيو، پاڻ پنھنجن سان به ناانصافي ٿا ڪريون. ڇا خدا اھڙن ماڻھن کي معاف ڪندو جيڪي انصاف نٿا ڪن؟

جيتوڻيڪ اھو غير مسلمانن جي حوالي سان مشھور آھي ته اھي وياج خور آھن پر ڏٺو وڃي ته ھن وقت مسلمان به ھِن حرام جي ڪاروبار ۾ ڪاھي پيا آھن. سنڌ جي ٻھراڙين ۾ وياج جو مرض عام ٿي پيو آھي. سورہ بقرہ( آيت نمبر 275) ۾ وياج کائڻ بابت سخت منع ٿيل آھي. صرف اوڌر جا اصل پيسا وٺڻ جي اجازت آھي، جيڪڏھن ڪير اھي به نٿو ڏئي سگھي ته معاف ڪرڻ جي ھدايت ڏنل آھي. ۽ اھو چيل آھي ته وياج وٺڻ وارا دوزخي آھن. نفعي ۽ وياج ۾ فرق آھي پر جيڪڏھن ڪير وياج کي ڪاروبار جي زمري ۾ ڏيکاري حلال قرار ڏئي ته ڇا اھو شخص الله جي پڪڙ کان بچي ويندو؟

آخر ۾ پنھنجو ھڪ مشاھدو بيان ڪيان ته مون مقامي عالمن ۽ مغرب مان پڙھيل عالمن ۾ ھڪ واضح فرق محسوس ڪيو آھي. مقامي عالم حقوق الله (نماز، روزو، حج، وغيرہ) تي وڌيڪ زور ڏين ٿا، خاص طور جنت ۽ حورن جو ذڪر ڪن ٿا جڏھن ته مغرب جا عالم حقوق العباد ( انسانن جا حق) تي وڌيڪ غور ڪن ٿا، اھڙي طرح ھڪ انصاف ڀريو بھتر سماج اڏڻ جي تائيد ڪن ٿا. جيتوڻيڪ پنھنجي پنجانوي سيڪڙو آبادي مسلمان آھي، پر ذات پات، سماجي رتبو، طاقت ۽ دولت وغيرہ جي بنياد تي ھلون ٿا. ايتري تائين جو مذھبي ماڻھوبه ھِن سماجي نفسيات کان آزاد ناھن. ذاتي ڪردار ٺاھڻ تي ڪو ڌيان ناھي، جيڪو ٿورو گھڻو نظر اچي ٿو ان ۾ ڏيکاءُ آھي. پر سماجي برابري جي حوالي سان قرآن مجيد (سورہ الحُجرات) ۾ ھڪ نھايت شاندار ڳالھه ڪيل آھي ته انسانن کي قبيلن ۽ قومن ۾ صرف شناخت لاءِ ورھايو ويو آھي، باقي الله جي ويجهو اھو آھي، جنھن جا عمل نيڪ آھن. ڇا پاڻ بغير نيڪ عملن جي دنيا ۽ آخرت سنواري سگھون ٿا؟

[email protected]