عمران خان جي طبيعت خراب، ڄنگهه ۾ انفيڪشن جو خطرو

0
217
عمران خان جي طبيعت خراب، ڄنگهه ۾ انفيڪشن جو خطرو
عمران خان جي طبيعت خراب، ڄنگهه ۾ انفيڪشن جو خطرو

عمران خان جي طبيعت خراب ٿي وئي، زخمي ڄنگهه ۾ انفيڪشن جو خطرو وڌي ويو، شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽرز پاران پي ٽي آءِ چيئرمين کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي

ان سلسلي ۾ ذريعن  جو چوڻ آهي ته شوڪت خانم اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته عمران خان آرام نه ڪيو ته سندس زخمي ڄنگهه ۾ سوڄ ۽ انفيڪشن جو خطرو وڌي ويندو

 ڊاڪٽرز پاران عمران خان کي غير ضروري پنڌ نه ڪرڻ ۽ ڄنگهه تي زور نه ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي، لانگ مارچ دوران حملي ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو هو ۽ ان جي هڪ ڄنگهه کي نقصان پهتو هو

هي به پڙهندا

عمران خان اڄ پيش نه ٿيو ته عبوري ضمانت رد ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ