عمران خان جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد عبوري حڪومت ٺاهڻ لاءِ نواز ليگ جي حمايت ڪنداسين : بلاول ڀٽو زرداري

0
214

عمران خان جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد عبوري حڪومت ٺاهڻ لاءِ نواز ليگ جي حمايت ڪنداسين، پنهنجو اُميدوار نه بيهارينداسين

چاهيون ٿا عبوري حڪومت جي عرصي ۾ چونڊ سڌارا  آڻڻ بعد چونڊون ڪرايون وڃن، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بي اعتمادي رِٿ ۾ نمبر گيم وڌائڻ لاءِ ڊگهي عرصي کان ڪوشش ڪري رهيا آهيون

ٻين پارٽيز کان سٺي موٽ ملي آهي، انشاءَ الله ڪاميابي ملندي، عمران خان کي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي، هر اداري کي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ پنهنجو اسپيس وٺندي ته ٻيا ادارا به پنهنجو ڪم ڪندا

ٽائيم نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران پ پ چيئرمين چيو ته ٽائيم نيوز جا ٿورائتا آهيون جو لانگ مارچ کي ڀرپور ڪوريج ڏني ۽ جدوجهد جي سفر ۾ ساٿ ڏنو