آسٽريليا جو ليجنڊ اسپنر شين وارن لاڏاڻو ڪري ويو

0
290

سڊني: آسٽريليا جو ليجنڊ ڪرڪيٽر ۽ ليگ اسپنر شين وارن 52 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. آسٽريلوي ميڊيا موجب شين وارن جو موت دل جي دوري سبب ٿيو. شين وارن جي لاڏاڻي تي دنيا جي ڪرڪيٽ حلقن ۾ سوڳ واري صورتحال آهي، ڪيترن ئي عالمي ڪرڪيٽرن پاران کيس خراج پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. شين وارن 1992ع ۾ ڀارت خلاف ٽيسٽ ڪيريئر جو آغاز ڪيو، جڏهن ته 2006ع ۾ عالمي ڪرڪيٽ کي خيرباد ڪيو. شين وارن ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 708، جڏهن ته ون ڊي ۾ 293 وڪيٽون ورتيون.