پشاور (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته عمران خان صرف اشارو ڪندو ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس، گورنر راڄ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، مون وٽ 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت آهي، وزيراعليٰ محمود خان چيو ته جڏهن به عمران خان حڪم ڪندو حڪومت ته ڇا جان به حاضر ڪندس، ڪي پي ڪي حڪومت ايندڙ اليڪشن جي تيار به شروع ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن کان امپورٽڊ حڪومت ڀڄي رهي آهي، هن چيو ته مونکي پنهنجي ايم پي ايز تي فخر آهي.