اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان پرڏيهي معاملن واري ممُڪلتي وزير حنا رباني کر جي ملاقات، حنا رباني کر وزيراعظم کي افغانستان جي دوري بابت آگاهي ڏني، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو، عالمي برادري افغانستان ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. پاڪستان افغان ڀينرن ۽ ڀائرن جي هر ممڪن مدد ۽ حمايت جاري رکندو.