اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف قانونسازي بابت ڪابينا ڪاميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي، اياز صادق جي جاءِ تي اعظم نذير تارڙ ڪاميٽي جو سربراهه هوندو، اياز صادق ڪاميٽي ۾ ميمبر طور شامل هوندو، ٻين ميمبرن ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير رانا ثناءُالله، واپار بابت وزير نويد قمر، مواصلات وزير اسعد محمود، سيڙپڪاري وارو وزير سالڪ حسين، پارلياماني مامرن وارو وزير جاويد عباسي شامل آهن.