ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان جهانگير ترين سان ملاقات ڪري ٿو ته اهو اين آر او هوندو، ڇاڪاڻ ته جهانگير ترين هن وقت پاڪستان جي تاريخ جي بدترين ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ڪيس ڀوڳي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خبرون اهي به اچي رهيون آهن ته صادق ۽ امين جو روپ ڌاري ڪرپشن کي هٿي وٺرائيندڙ بادشاهه ڪرپشن جي هڪ ٻئي رانديگر کي گلي لڳائڻ لاءِ بيچين آهي. ٻئي طرف ناصر حسين شاهه سان ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي وفد جي ملاقات ڪري جرنلسٽس پروٽيڪشن بل ۽ صحافين جي مسئلن بابت پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. صوبائي وزير ، سيڪريٽري اطلاعات سنڌ کي هدايت ڏني ته ڪي يو جي وفد جون سفارشون ۽ تجويزون سنڌ جرنلسٽس پروٽيڪشن بل ۾ شامل ڪيون وڃن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي ويلفيئر ۽ تحفظ لاءِ قانون سازي تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي صحافين جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ يونيورسل پروگرام آندو پيو وڃي. صحافتي تنظيمون پنهنجي ميمبرن جي محنت کاتي وٽ رجسٽريشن ڪرائين ته جيئن صحافين کي پڻ مزدورن کي ملندڙ صحت، تعليم جون سهولتون ملي سگهن.