اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) وفاقي وزيرن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اسيمبلين مان نڪرڻ جي اعلان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان اهڙي فيصلي تان به يوٽرن وٺندو، عمران خان جا سڀ پلان ناڪام ويا، عمران ٻئي اسيمبليون ٽوڙي نٿو سگهي، عمران خان جي اعلان تي ردعمل ڏيندي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري پنهنجي شڪست مڃي ورتي، پنجاب ۾ ايترا ماڻهو موجود آهي جو حڪومت ٺاهي سگهون ٿا. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عمران خان گذريل 7 مهينن کان هڪ دٻاءَ، بليڪ ميلنگ، ڇڪتان ۽ طاقت ذريعي حڪومت ڪيرائڻ جي حڪمت عملي ڏيکاري، جنهن ۾ ناڪام ويو، عوام جو سمنڊ آڻڻ ۾ به ناڪام رهيا، جيترا ماڻهو گڏ ٿيا، انهن کان وڌيڪ ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ماڻهو بيٺا هئا، رانا ثناءُالله چيو ته قومي اسيمبلي مان اهي اڳ ئي ٻاهر آهن ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ ايترا ماڻهو موجود آهن جو اتي حڪومت ٺهي سگهي ٿي، باقي خيبر پختونخواهه ۾ ٻيهر چونڊون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته هي اسيمبليون به نٿا ٽوڙي سگهن، 20 سيڪڙو ماڻهو بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائين ته اسيمبلي نٿي ٽوڙي سگهجي، پنجاب لاءِ تيار آهيون، جتي بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ مشاورت ڪنداسين ۽ خيبر پختونخواهه ۾ به رٿ جمع ٿيندي، پي ڊي ايم اتي هنن کي ٽف ٽائيم ڏيندي، اڃا ته انهن کي اجلاس ڪرڻو آهي ۽ پارليامينٽيرينز سان ملاقات ڪرڻي آهي ته ڇا اپوزيشن چُپ ويهندي؟ هن چيو ته عمران خان سياسي خواري کان بچڻ لاءِ اهڙو اعلان ڪيو، جلسي ۾ گهڻا ماڻهو نه آيا ته اسلام آباد اچڻ جو اعلان نه ڪيائين، 5-10 لک ماڻهو اچن ها ته اسلام آباد اچڻ جو اعلان ضرور ڪري ها، جڏهن ڏٺئين ته ماڻهو نه آيا ته وڏن وزيرن کي سزا طور اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪيائين، پريشر گروپ جي  سياست جو اڄ موت ٿي ويو،  اسيمبليون ٽوڙڻ جي اعلان تي به عمران خان يوٽرن وٺندو، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته عوام تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، جلسي ۾ 15 کان 20 هزار ماڻهو هئا، جيڪڏهن ڌرڻو لڳي ها ته پوءِ 500 يا هڪ هزار ماڻهو وڃي بچن ها، عوام تحريڪ انصاف کي ڪا به موٽ ناهي ڏني، معاملن کي جهموري انداز ۾ اڳتي وڌائڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته پرويز الاهي بابت ذاتي راءِ آهي ته ڳالهين جو سلسلو بند ناهي ٿيندو، پنجاب ۾ بي اعتمادي لاءِ اڃا مشاورت ڪرڻي آهي. رانا ثناءُالله چيو ته اليڪشن وقت تي ٿيڻ گهرجن اسيمبليون برقرار رهڻ گهرجن. هوڏانهن سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي تقرير تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عمران خان جا سڀ پلان بري طرح ناڪام ٿي ويا آهن، سازشين جو اهو ئي انجام ٿيندو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو آهي ته ناڪام ترين لانگ مارچ، هڪ کان پوءِ هڪ ڊرامو، ۽ ڪوڙ، پر سچ اهو آهي ته عمران خان جو 9 سالا پلان فيل ٿيو آهي، هن چيو ته سازش ذريعي حڪومت ختم ڪرڻ جو پلان، پنهنجي من پسند چيف آڻڻ جو پلان، چيف جي مقرري ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو پلان، نئين چيف کي تڪراري بڻائڻ جو پروگرام،سڀ پلان بري طرح ناڪام ٿي ويا، سازشين جو اهو ئي انجام ٿيندو آهي.