ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا عروسه صديقي وزن گهٽائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ٽڪي ڪي بارات کان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا عروسه صديقي کي وزن وڌي وڃڻ سبب نوان پراجيڪٽ ملڻ گهٽجي ويا هئا جنهن بعد هن پاڻ کي پريشاني مان ڪڍڻ لاءِ وزن گهٽائڻ شروع ڪيو، اداڪارا وزن گهٽجڻ بعد سمارٽ ٿي وئي، تصويرون شيئر ڪيون جنهن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ کيس مبارڪون پڻ ڏنيون.