عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 16 جولاءِ تائين ملتوي

0
271

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ارشد پپو سميت ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ ملوث لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جي شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 16 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران لياري گينگ وار جو مک ڪردار عذير بلوچ ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي ڪيس جي اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر شاهدن جي تياري لاءِ عدالت کان مهلت طلب ڪئي جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 16 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڄاڻايل ڪيس ۾ عذير بلوچ، پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ايم اين اي شاهجهان بلوچ ۽ ٻيا نامزد ٿيل آهن جڏهن ته جوابدارن خلاف ڪلاڪوٽ ٿاڻي تي 2013ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.