لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عدليا تي نواز ليگ جي حملي جو مطلب چونڊن کان ڀڄڻ آهي، ججن لاءِ هي فيصلائتو وقت آهي، عوام روڊن تي اچڻ لاءِ تيار آهي، اهڙين ئي حالتن ۾ سريلنڪن عوام وزيراعظم جو گهر ساڙيو هو. وڊيو لنڪ خطاب ۾ عمران خان چيو ته جيل ڀريو احتجاج ڪرڻ جو پرامن طريقو آهي پر پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻن سان دهشتگردن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڪنهن کي ليه ته ڪنهن کي ڊيره غازي خان جيل منتقل ڪيو ويو آهي، شاهه محمود خان کي اٽڪ جيل موڪليو ويو آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته پشاور ۾ به ماڻهو وڏي تعداد ۾ جيل ڀريو تحريڪ لاءِ نڪتا، حڪومت جيڪو ڪري رهي آهي، اهي حربا سڀني جي سامهون آهن، جيڪڏهن حڪومت اهڙا قدم کڻي ماڻهن کي ڊيڄارڻ چاهي ٿي ته هو ان وهم مان نڪري اچي، ڇاڪاڻ پاڪستان جون موجوده حالتن ۾ قوم روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن تحريڪ انصاف نه هجي ته ملڪ جو سريلنڪا جهڙو حال ٿي ويندو، اهڙين ئي حالتن ۾ سريلنڪن عوام وزيراعظم جو گهر ساڙيو هو. هن چيو ته نواز ليگ چاهي ٿي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿين، هي اليڪشن کان بچڻ لاءِ عدليا جي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي، ڇا سپريم ڪورٽ جي ججن خلاف ڳالهائي سگهجي ٿو؟ عدليا تي حملي جو مطلب اليڪشن کان بچڻ آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته آئين چوي ٿو ته عام ماڻهو جي عزت پائيمال نه ٿي ڪري سگهجي، هي سوشل ميڊيا جي ماڻهن کي کنڀي ويا ۽ پوڙهڻ ڪارڪنن جا ڪپڙا لاٿا ويا، حڪومت جنهن کي به گرفتار ڪري ٿي، انهن کي اگهاڙو ڪري ٿي. عمران خان چيو ته نگران حڪومت جو واحد ڪم اليڪشن ڪرائڻ  آهي پر پنجاب جي نگران حڪومت چونڊن کانسواءِ سمورا ڪم ڪري رهي آهي، ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙي جانبداراڻي نگران حڪومت نه آئي آهي، جنهن ايندي ئي مون تي حملي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي کي تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته قوم تباهي جي رستي تي هلندي، آئين جو آرٽيڪل 224 پڙهي وٺو، ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اليڪشن 90 ڏينهن کان اڳتي وڃي. هن چيو ته موجوده حڪمران جيتري دير رهندا، ملڪ اوترو ڌٻڻ ۾ ڦاسندو ويندو، ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو ته معاشي استحڪام به ايندو، سياسي استحڪام جو واحد حل صاف ۽ شفاف چونڊون آهن، مهانگائي سبب اڄ گهرن ۾ جهيڙا ٿي رهيا آهن، اوهان چئو ٿا ته وڌيڪ مهانگائي ٿيندي، ملڪ جون اهڙيون حالتون ٿي رهيون آهن جو عوام روڊن تي اچڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پاڻ کي نيوٽرل سڏيندڙن چيو ته اوهان نواز ليگ جي وڏ وزارت وٺو، اسانجي ايم پي ايز تي دٻاءُ وڌو ويو، پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مونس الاهي کي داد ڏيان ٿو ته هر قسم جي صورتحال ۾ ڄمي بيٺا، اسان پرويز الاهي کي اعزاز ڏنو ته هن دٻاءُ باوجود پارٽي کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪيو. عمران خان چيو ته ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن ريت عمران خان کي نااهل ڪرايو وڃي، جيڪي پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا ته اهي عدليا تي دٻاءُ وجهن ٿا، سڀ کان وڏا ڦورو شهبازشريف، سندس ڀاءُ نوازشريف ۽ آصف زرداري آهن، انهن سڀني جو پئسو ملڪ کان ٻاهر پيل آهي، تنهن ڪري کين پاڪستاني عوام جو ڪوبه فڪر ناهي.