سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ بدامني بابت داخل ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ڏوهارين جا سرپرست 2 کان 10 سردار گرفتار ڪري جيل ۾ وجهو، ڌاڙيل پاڻ ئي پيش پوندا. جڏهن ته گهرو کاتي جي سيڪريٽري پوليس کي ملٽري ليول جا جديد هٿيار ڏيڻ کان انڪار ڪندي انهن جي غلط استعمال ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو. سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾  بدامنيءَ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ علي گل عباسيءَ طرفان داخل ڪيل پٽيشن جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. گهرو کاتي سنڌ جو سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجو، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو ۽ ٻيا پوليس آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سردار ڏوهارين سان رابطي ۾ آهن، ايس ايس پي موجود آهي، ٻڌائي ته ڪهڙي سردار جي سي ڊي آر ڪڍرائي وئي آهي؟ ڀلي امن لاءِ فوجي آپريشن ٿئي، سردار جيلن ۾ وڃن وڌا وڃن. ڇا هوم سيڪريٽري ۽ پوليس آفيسر پنهنجي فيمليز سان انهن علائقن ۾ وڃي سگهن ٿا جتي عام ماڻهو سفر ڪن پيا. ان تي وڪيل قربان ملاڻو چيو ته جيڪي سردار پوليس آفيسرن جي پوسٽنگ ڪرائيندا ته پوءِ اهي آفيسر انهن ۾ هٿ ڪيئن وجهندا. سردار، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ڏوهاري هڪ پيج تي آهن، تڏهن ته ڏوهارين وٽ جديد هٿيار اچن پيا جيڪي پوليس وٽ به ناهن. ايس ايس پي سياسي ماڻهن جي بنگلن تي وڃي ڊڪٽيشن وٺندا ته پوءِ امن ڪٿان ٿيندو. ان تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جيڪڏهن ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ آزاد ٿي ڪم ڪرڻ چاهي ته ان کي ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن پوليس آفيسر بيوس آهن ته پوءِ کين هليڪاپٽر ڏجي تڏهن به اهي ڪجهه نه ڪري سگهندا. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته ڏوهاري ڪلچر 1996 کان پوءِ طاقتور ٿيو آهي، اڄوڪي سنڌ اها ناهي رهي. ان تي ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيي ٻڌايو ته ملٽري ليول جا هٿيار ملن  ته آئون ذميواريءَ سان چوان پيو ته ڏوهارين کي قابو ڪري وٺنداسين، جيڪڏهن ايئن نه ڪري سگهيس ته اسيتعفي ڏئي ڇڏيندس. جديد هٿيار افغانستان يا ٻين بارڊر تان اچڻ پيا بارڊرز تي پوليس مقرر ناهي. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته سرڪار جو خرچ ڪرائڻ بدران 2 کان 10 سردار جيڪي ڏوهارين سان رابطي ۾ هجن، ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ هجن انهن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهو ته پاڻ ئي ڏوهاري گرفتاري پيش ڪندا، جديد هٿيار وٺڻ جي پهچ ڏوهارين جي ناهي، ان ۾ سردار ملوث آهن، سندن رابطن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي وائکو ڪيو وڃي. ڊي آءِ جي سکر ۽ لاڙڪاڻو اسان کي ٻڌائين ته ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙا هنڌ حساس آهن، اتي رينجرز مقرر ڪرائينداسون. ان تي ايس ايس پي تنوير تنيي ٻڌايو ته حساس هنڌ ٻڌائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته اهلڪار شهيد ٿين پيا، ڏوهارين خلاف آرمي، رينجرس ۽ پوليس جو جوائنٽ آپريشن ڪيو وڃي. ان بابت هوم سيڪريٽري صاحب اوهان ڪابينا ۾ اها ڳالهه رکو. موجوده حالتن ۾ آءِ جي سنڌ کي گهرايون پيا، ضرورت پئي ته وڏي وزير ۽ وزيراعظم کي به گهرائينداسين. اسان خاموش نٿا ويهي سگهون، هي حالتون برداشت نٿيون ڪري سگهجن. ڇا اوهان چاهيو پيا ته ماڻهن جا ريپ ٿيندا رهن، مٿن تشدد ۽ زيادتي واريون وڊيوز جاري ڪيون پيون وڃن. عوام کي ڏوهاري ڦريندا، اغوا ۽ قتل ڪندا رهن ۽ سنڌ برباد ٿيندي رهي، اهو برداشت نه ڪيو ويندو. ان دوران گهرو کاتي جي سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجي عدالت آڏو بيان ڏيندي چيو ته مان قسم سان چوان پيو جن ويڊيوز ۽ معاملن تي هتي ڳالهيون ٿين پيون، ان بابت پوليس آفيسرن وڏي وزير وٽ ميٽنگ ۾ آگاهه ناهي ڪيو. ان بعد عدالت بدامني ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ، وفاقي ۽ صوبائي گهرو کاتي جي سيڪريٽريز کي 2 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي جوائنٽ آپريشن جو پلان ۽ عدالتي حڪم تي عمل درآمد ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.