عدالت پاران لاپتا شهري جي بازيابي تائين پگهار جيتري رقم ڏيڻ جو حڪم

0
301

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گڏيل عرب امارت کان موڪلن تي پاڪستان آيل لاپتا شهري جي وارثن کي بازيابي تائين هن جي پگهار جي برابر ماهوار ادائيگي جو حڪم ڏنو آهي، مئي 2015 ۾ لاپتا ٿيل شهري بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله جي عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته 30 جون تي معاوضي جي ادائيگي جو حڪم ڏنو هو عمل ڇو نه ٿيو؟، ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل طيب شاهه گهرو وزارت طرفان 16 جولاءِ تي لکيل خط عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته لاپتا شهري جي درخواستگذار والده کي خط لکيو آهي ته سندس پٽ جي سيلري سلپ ڪرائي وڃي، معزز جج ريمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪم کانپوءِ هن خط جي ڪا به ضروري نه هئي، پٽيشنر جي حلفي بيان جي روشني ۾ معاوضي جي ادائگي ڪئي وڃي، لاپتا ٿيل شهري جي امڙ عدالت کي ٻڌايو ته 19 مئي 2015 ۾ لاپتا هجڻ وقت پٽ جي عمران خان جي پگهار 3 هزار درهم هئي، پٽ گڏيل عرب امارت ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ ملازم هو ۽ موڪلن تي پاڪستان آيو ته لاپتا ٿي ويو، معزز چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته رياست شهرن جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ذميوار آهي، عدالت وفاقي حڪومت کي لاپتا ٿيل شهري جي وارثن کي بازيابي تائين هن جي پگهار جي برابر رقم جي ادائيگي جو حڪم ڏيندي چيو ته فيصلي تي عملدرآمد ڪري 3 آگسٽ تائين رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.