منڊپ ۾ ويٺل گھوٽ جي ليپ ٽاپ تي ڪم ڪندي وڊيو وائرل

0
255

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ شادي تقريب ۾ ھڪ انوکو واقعو پيش آيو آھي، منڊپ ۾ ويٺل گھوٽ ليپ ٽاپ تي ڪم ڪندي وڊيو وائرل ٿي وئي آھي، ڀارتي ميڊيا انسٽاگرام تي شادي جي منڊپ مان ورتل گھوٽ جيھڪ وڊيو شيئرڪئي آھي، جنھن ۾ ھُن کي منڊپ ۾ ليپ ٽاپ استعمال ڪندي ڏسي سگھجي ٿو، وڊيو ڏسي سگھجي ٿو تھ ليپ ٽاپ تي ڪم ڪندي گھوٽ جو مھمان ئي نھ پر پنڊت بھ انتظار ڪري رھيو آھي، ٻئي پاسي اسٽيج تي ويٺل ڪنوار کي گھوٽ جي ڪيفيت کي ڏسي ٽھڪ ڏيندي ڏسي سگھجي ٿو، وائرل وڊيو تي سوشل ميڊيا تي دلچسپ تصبرا ڪيا ويا.