عثمان شاھ ھڙي (ن پ ا)  عثمان شاھ ھڙي ويجهو ڳوٺ جمع خان جي رھواسي  محمد خان ولد مالڪ خان لنڊ جي گھر کي  چلھه جي چڻنگ مان باهه لڳي وئي، نتيجي ۾  محمد خان سميت 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، زخمين ۾  مسمات سارا زال محمد خان ، مسمات فضا ڌيءُ محمد خان، مسمات پروين ڌيءَ محمد خان، 40 ورهين جي مسمات زينت زال امداد حسين، 4 سالن جي  خوشبو ڌيءَ اختر، 2  ورهين جي آئزا ڌيءَ اختر شامل آهن، زخمين کي  سول اسپتال ٽنڊوالھيار منتقل ڪيو ويو، جتي  زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائڻ بعد کين  حيدرآباد منتقل ڪيو ويو،.ٻي طرف گھر ۾ موجود سامان پڻ سڙي رک ٿي ويو. جڏهن ته واقعي بعد به فائربرگيڊ جو عملو نه پھچي سگهيو، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد تحت پاڻ باھ وسائي. هوڏانهن   واقعي بعد اسسٽنٽ ڪمشنر جهنڊو مري عمير جروار ۽ مختيارڪار جهنڊو مري غلام شبير ميرجت واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل ورتا.