لنڊن(م ڊ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ مسلسل لاٿ ٿي رهي آهي.  خميس ڏينهن ڪچي تيل جي في بيرل قيمت 2.99 ڊالر گهٽ ٿي 103.20 ڊالر تي اچي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڪچي تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) جي قيمت 3 سيڪڙو لاٿ کانپوءِ 106 ڊالر في بيرل ٿي وئي. ان کانسواءِ برطانوي برينٽ ڪروڊ آئل جي قيمت 2.77 ڊالر گهٽ ٿي 108 ڊالر 97 سينٽ في بيرل تي اچي وئي آهي. واضح رهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن جلد ڪانگريس سامهون اها تجويز پيش ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته آمريڪي شهرين کي وڌندڙ قيمت کي ڏسندي رليف ڏيڻ لاءِ فيڊرل ٽيڪس ۾ 3 مهينن جي ڇوٽ ڏني وڃي. آمريڪا ۾ پيٽرول تي هن وقت 18.4 سينٽس في گيلن فيڊرل ٽيڪس ورتو پيو وڃي، جڏهن ته ڊيزل تي 24.4 سينٽ في گيلن ٽيڪس لاڳو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪي ڪانگريس مان منظوري ضروري آهي.