ظل شاهه قتل ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور

0
129
پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم
پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم

لاهور هاءِ ڪورٽ ظل شاهه قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي

عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر دليل ڏيندي چيو ته عمران خان کي لاڏلو چيو وڃي ٿو، پر اڄ به 5 ڪيسن ۾ ضمانت ڪرائڻ لاءِ هو پيش ٿيو

 عدالت دليل ٻڌڻ بعد عمران خان جي 2 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

 لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت به جناح هائوس حملي  ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

جج اعجاز احمد بٽر پي ٽي آءِ چيئرمين جي عبوري ضمانتن جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، عمران خان پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيو

 ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته جڏهن اهو افسوسناڪ واقعو ٿيو، ان کان اڳ درخواست گذار گرفتار ٿيل هو، 10 مئي تي عمران خان نيب جي تحويل ۾ هو، جيئن ئي خبر پئي ته اهو واقعو ٿيو آهي ته عمران خان مذمت ڪئي

عدالت عمران خان جي ٽن ڪيسز ۾ 2 جون تائين عبوري ضمانت منظورڪندي کيس جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏنو

عدالت چيو ته عمران خان صاحب اوهان هڪ هڪ لک  رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايو ۽  اوهان کي جاچ ۾ رڪاوٽ ناهي وجهڻي، جنهن تي عمران خان  چيو ته اوهان فڪر نه ڪريو

دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت زمان پارڪ، وڳوڙي ڪاررواين ۽ ظل شاهه قتل ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانتن جي درخواست فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جيڪو 2 جون تي ٻڌايو ويندو