لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جونيئر هاڪي ٽيم جو اسسٽنٽ ڪوچ عدنان ذاڪر هاڪي ٽيم جي ڪيمپ ڇڏي انگلينڊ روانو ٿي ويو. عدنان ذاڪر ڪوچنگ جي طريقي ۽ سليڪشن جي معاملن ۽ فيڊرين سان اختلافن جي ڪري ٽيم کي ڇڏي ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده سيٽ اپ ۾ ڪم ڪرڻ ڏکيو هو آئون ٺاهه نه پئي ڪري سگهيس. ائين ئي ڪم ڪرڻو آهي ته پاڪستان هاڪي جا معاملا درست نه ٿي سگهندا. عدنان ذاڪر چيو ته آئون رضاڪاراڻي نموني پاڪستان هاڪي لاءِ انگلينڊ کان آيو هئس ٽرائلز کان پهرين به ڇڏي ويو هئس پر وري واپس گهرايو ويو. خاطرين باوجود ڪجهه تبديل نه ٿيو ته ٺاهه نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.