جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪيان ٿو: عمران خان

0
180

لاهور: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪيان ٿو، 9 مئي جي واقعن سان پاڪستان جي بدنامي ٿي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها، گرفتاريون ڪري پي ڊي ايم پاڻ بند گهٽيءَ ۾ڦاسي پئي آهي

عدالت ۾ پيشي دوران صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته  هڪ  طرفيون ڳالهيون نه نه پيون ٿي سگهن، اسان 11 مهينن کان ڳالهين لاءِ چئي رهيا آهيون

هن چيو ته پي ڊي ايم جي قدمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين سان ملڪ جي بدنامي ٿي آهي، ميڊيا کي زمان پارڪ واري رهائشگاهه کولي ڏيکاري، دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ وارين ڳالهين ۾ ڪا به صداقت نه آهي

 پي ٽي آءِ چيئرمين  چيو ته خوف ۽ ڊپ جي فضا سبب ملڪ نه ٿو  هلي سگهي،  7 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪري پي ڊي ايم پاڻ ڦاسي پئي  آهي، جنهن جماعت جو ووٽ بئنڪ  هجي ان کي هارائي نه ٿو سگهجي