طوفان اڃان ته پري آهي….!!

0
203
طوفان اڃان ته پري آهي....!!

“ڪجهه واءُ لڳي، وڻ ڌوڻي ٿو

۽ ڇڻ ڇڻ پن ڪِرن ٿا پيا

آ کڙکڙ، کڙکڙ ڇڪڙي ۾

پر ڦيٿا پوءِ به ڦِرن ٿا پيا.

طوفان اڃان ته پري آهي”

شيخ اياز جو نهايت آڳاٽو ۽ نظرانداز ٿيل هي نظم، ملڪ جو موجوده منظر پيش ڪري رهيو آهي.

هن آرٽيڪل جو مک موضوع عربي سمنڊ جي لهرن تي سوار اهو طوفان ناهي، جنهن کي “بائپر جوئي” جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو طوفان جيڪو هن مهل تائين پنهنجو ٽارگيٽ پڌرو نه ڪري سگهيو آهي ته اهو عمان طرف ويندو يا گجرات مٿان گجندو. هڪ امڪان هي به آهي ته اهو طوفان ڪراچيءَ کان بدين تائين سنڌ جي ساحلي پٽيءَ مٿان مارو ڪندو. سنڌ سرڪار جي انتظاميا ميار لاهڻ لاءِ اڳواٽ الرٽ به جاري ڪري ڇڏيو ۽ سامونڊي ايريا ۾ قلم 144 به لاڳو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته طوفان ڪڏهن به ۽ ڪنهن به قانون جي پابندي نه ڪندو آهي. پوءِ اهو طوفان فطرت جي سسٽم مان جنم وٺي يا اهو طوفان انسانن جي امنگن ۽ جذبن مان اٿي تاريخ جي پوري رخ کي تبديل ڪري ڇڏي. دنيا ۾ قانون ان ڪري به جوڙيا ويندا آهن ته جيئن اهي بغاوتن جا طوفان روڪي سگهن، پر جڏهن به طوفان ۾ پوري شدت پيدا ٿيندي آهي، تڏهن تاريخ جي اکين ڏٺو آهي ته قانون جا ڪاغذ وڻن جي سڪل پنن وانگر انهن جو استقبال ڪندي اڏامندا آهن.

اسان جو ملڪ هن مهل تائين طوفانن کان محفوظ رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪيترائي سامونڊي طوفان بحيرهء عرب مان اٿيا ۽ انهن ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ساحلن سان سر به ٽڪرايا پر پوءِ به اهي اهڙو نقصان نه ڪري سگهيا، جنهن جو امڪان ويچاريو ويو هو. جڏهن ته اها به هڪ حقيقت آهي ته انساني تاريخ “طوفان” لفظ کي ان تيز هوا تائين محدود نه رکيو آهي، جيڪا فطرت جي قانون مطابق پيدا ٿيندي آهي. سائنس اهو به تسليم ڪري ٿي ته جيڪي طوفان انسانن جي لاءِ اهنج جو سبب بڻجن ٿا، اهي هن ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ تي موجود زندگيءَ جي ٻين روپن سروپن لاءِ تمام گهڻا ضروري هوندا آهن. اهوئي سبب آهي ته افريقا واري “صحارا” نالي صحرا مان واريءَ جا وڏا طوفان ان لاءِ اٿندا آهن ته اهي برازيل تائين پهچي انهن ايمازون ٻيلن کي ٻل ڏين، جيڪي هن مهل تائين نباتاتي نظام جو سڀ کان سهڻو ۽ حيران ڪندڙ حصو آهن. پر انسان هن مهل تائين اها سچائي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته ڪڏهن حقيقت ۽ ڪڏهن هڪ خيال محسوس ٿيندڙ هيءَ ڪائنات صرف هن جي لاءِ تخليق نه ٿي آهي. هن جنهن عقل جي سهاري ڌرتيءَ تي قبضو ڪري فطرت جي توازن کي تهه و بالا ڪيو آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي فطري ڄمار کي گهٽائڻ واري مهم ۾ مصروف آهي. اهو فطرت جي طاقت آڏو ڪجهه ڪونهي ۽ هن جو نظام جهرڪيءَ جي آکيري کان  به ڪمزور آهي. اهوئي سبب آهي ته اياز ئي لکيو آهي:

“اتر کان طوفان اچي ٿو

آقا ٻانهو ٻئي ڏڪن ٿا

ڏسجي ڪير بچي ٿو!”

سو! پاڻ ڳالهه پئي ڪئي سين ته طوفان صرف هڪ قسم جا نه هوندا آهن. طوفان فقط وڏن ۽ پوڙهن وڻن لاءِ پيغام اجل بڻجي نه ايندا آهن. طوفان صرف ان لاءِ پيدا نه ٿيندا آهن ته اهي اڱڻ ۾ ڪتڙن ۽ ڪڪڙن سان کيڏندڙ ٻارن لاءِ موت جي آغوش بڻجي وڃن. طوفان صرف اهي ته نه هوندا آهن، جن سبب جهڳا جهڻ ٿي وڃن. جن ڪري مصنوعي بند ڀڄي پون ۽ پاڻي پرلئه جي صورت اختيار ڪري وٺي. طوفان صرف اهي ناهن، جن هن مهل تائين انسانن جي گهرڙن جو ڇتيون ڇيهون ڪيون هجن ۽ انهن جا ٻار ۾ ترندڙ ٻيڙا ٻوڙيا هجن. طوفان تمام گهڻن قسمن جا هوندا آهن.

گذريل ڏينهن پهرين وفاقي حڪومت ۽ پوءِ سنڌ سرڪار بجيٽ پيش ڪئي ۽ معاشي ماهرن جو خيال هو ته ان بجيٽ کان پوءِ مهانگائيءَ جو طوفان ايندو. جڏهن ته انهن سان ان خيال تي ڀرپور اختلاف رکڻ جي ضرورت آهي. انهن کي سمجهڻ گهرجي ته مهانگائيءَ جو طوفان تمام گهڻي وقت کان وٺي هلي رهيو آهي. البته پيش ٿيل بجيٽ ان جي شدت ۾ اضافي جو باعث بڻبي. ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان ڪافي وقت کان هلندڙ آهي. ان طوفان کي نظر ۾ رکي اڪثر اهو به چيو ويندو آهي ته، “پاڪستان ڊي فالٽ” ڪرڻ وارو آهي. ان ڊي فالٽ ڪرڻ جو مطالب اهو هوندو آهي ته معاشي طور تي هڪ ملڪ ڏئي وٺي بيهي. معنيٰ مخصوص ملڪ جو معاشي نظام بيهجي وڃي. جڏهن ته نه صرف ڪامريڊ ڪارل مارڪس پر استاد ايڊم سمٿ به ان سوچ سان سهمت آهي ته انساني معاشرا معاشيات سبب هلن چلن ٿا. جيڪڏهن معاشي وهنوار رڪجي وڃي ته معاشرا موت جي هنج ۾ هليا وڃن. ڇو ته انساني ارتقاءَ ۾ اقتصادي سفر جو اهم ڪردار آهي. انسان جو انسان سان تعلق معاشي مفادن سبب پيدا ٿيل آهي. ان کي ختم ڪرڻ نه صرف تمام گهڻو مشڪل پر خطرناڪ به آهي. ان ڪري چون ٿا ته ملڪن کي هاڻي خوني انقلاب نه پر اهي ارتقائي انقلاب گهرجن، جيڪي پرامن واٽ مٿان چهل قدميءَ جي صورت ۾ هلندا ايندا آهن. اهي پرامن انقلاب هن مهل تائين يوٽوپيا جي تصوراتي دنيا جي رنگ برنگي دونهين ۾ رهن ٿا. انهن جو ظهور هن مهل تائين زماني جي اکين آڏو نه آيو آهي. انسانن ته صرف وڌيڪ معاشي مشڪلاتون ڏٺيون آهن. اهي معاشي مشڪلاتون جن ۾ “ڪورونا” جهڙيون عالمي وبائون اهو ڪردار ادا ڪن ٿيون، جيڪو ڪردار ڦٽن مٿان لوڻ جون لپون ادا ڪنديون آهن. هن وقت معاشي مصيبت جي شدت جي تهمت ڪورونا مٿان ايئن عائد ڪئي پئي وڃي، جيئن شيڪسپيئر جي جڳ مشهور ناٽڪ “اوٿيلو” جي آخري سين ۾ اوٿيلو پنهنجي خوبصورت ۽ خوب سيرت ۽ باوفا زال کي شڪ جي بنياد تي گهٽو ڏئي قتل ڪري ٿو ۽ جڏهن ڊيسڊمونا جي موت کان پوءِ محل جي ڪنيز اوٿيلو کي اصل حقيقت ٻڌائي ٿي ته هو عاليشان محل جي اڏامندڙ ريشمي پردن جي پريان چوڏهين رات جي پوري چنڊ طرف تڪيندي چوي ٿو ته، “سمورو ڏوهه چنڊ جو آهي. جي حسين چنڊ. ڌرتيءَ جي ايترو ته ويجهو اچي وڃي ٿو جو انسان پنهنجو هوش وڃائي ويهي ٿو”.

ڪورونا جي مٿان تهمت مڙهڻ کان بهتر آهي ته هي عالمي سرمائيداري پنهنجي ان نظام جو نئين سر جائزو وٺي، جنهن جا واعدا سدائين ڪوڙا ثابت ٿيا آهن. اها ساڳي سرمائيداري هئي، جنهن پوري جڳ جي انسانن سان اهو تاريخي وچن ڪيو هو ته قومن جي غلاميءَ ۽ طبقن جي غربت جو سبب سوشلسٽ نظام آهي. جنهن ڏينهن ڪميونزم جو خطرو ختم ٿي ويو، تنهن ڏينهن انسان ذات جا اهي سمورا خواب پورا ٿيندا، جن کي آرٽ ۽ ادب ۾ ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي. پر جڏهن سوشلسٽ بلاڪ ڀڄي ڀورا ٿيو ۽ دنيا مٿان بقول مارڪس، لامارا ڏيندڙ ڪميونزم جو ڀوت باقي نه بچيو ته پوءِ ڇا ٿيو؟ ڇا محڪوم قومن ۽ مظلوم طبقن جي جهول ۾ تاريخي انصاف پيو؟ اسان ته صرف ڏکڻ آفريقا کي ان نسل پرستيءَ واري نظام مان آجو ٿيندي ڏٺو، جنهن جي اهڙي صورتحال تي مشهور ناول نگار ايلن پاٽون پنهنجو تمام گهڻو پڙهيو ويندڙ ناول “رو اي منهنجا محبوب ملڪ” (Cry the Beloved Country) لکيو هو. نيلسن منڊيلا کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪري ڏکڻ آفريقا کي گورن ۽ ڪارن جي گڏيل هٿن ۾ ارپي، ان سوشلزم مٿان تبرن نما تبصرا ڪيا ويا، جنهن جي حوالي سان چيو پئي ويو ته ڏکڻ آفريقا جي آزاديءَ لاءِ سوشلزم جو موت لازمي هو. جڏهن ته حقيقت ائين نه هئي!!

انساني تاريخ ۾ هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن دليون ان طوفان جي تمنا ۾ رقص جي صورت ڌڙڪنديون هيون، جنهن طوفان کي عرف عام ۾ انقلاب ڪوٺيو ويندو هو. اهڙو طوفان، جهڙي طوفان جو تعارف فيض احمد فيض انهن لفظن ۾ پيش ڪيو هو ته:

“طوفان به دل هي هر ڪوئي دلدار ديکنا

گل هو نه جائي شمع رخسار ديکنا”

اهو دور ان مست محفل وانگر پنهنجي اختتام تي پهتو، جنهن دور جي هڪ حقيقت ساڳي غزل جي ان شعر ۾ شامل آهي ته:

“جب تڪ نصيب ٿا، تيرا ديدار ديکنا

جس سمت ديکنا، گل و گلزار ديکنا”

هاڻي ته اسان کي اهو چوندي به تمام گهڻي تڪليف مان گذرڻو ٿو پوي ته:

“ڦِر هم تميزِ ماه و سال ڪر سڪين

يه ياد يار ماضي ادهر اڪ بار ديکنا”

سو! اهو وقت گذري ويو، جنهن وقت انهن دلين ۾ طوفان جي تمنا آکيرو اڏيندي هئي، جن دلين سان انهن دماغن جي دوستي هئي، جن دماغن ۾ تبديلين جا شعلا ائين روشن رهندا هئا، جيئن فيض چواڻي “آهنگر جو دوڪان” ۽ لطيف جي لفظن ۾:

“ڌئون ڌئون ڌمڻ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي

ٻاري مچ مجاز جو اوتيائون اڱار

ڌوڌيا ٿيءُ مَ ڌار، جم ڪچو رڪ ڪڻيون ٿئي”

پر هاڻي نه اهي مچ رهيا ۽ اهي ماڻهو جيڪي سرڪش سوچ جون ڪاٺيون سوريندا رهندا هئا.

هڪ طوفان جو حشر اسان هن وقت به ڏسي رهيا آهيون، جيڪو طوفان ڪپتان جي ڪافيءَ واري ڪوپ ۾ جام جهڳي ڪندو هو. اهو طوفان هن مهل زمان پارڪ ۾ ٽٽل ٽارين ۽ ڀڳل ڀريل ڪونڊين سان انهن مستن کي ساري رهيو آهي، جيڪي ڪجهه ڏينهن جي جيلن جو ڏر ڏسي ڏيڏرن جيان ڏرن ۾ هليا ويا آهن. اهو طوفان، جنهن کي ڪپتان سوناميءَ جو نالو ڏيندو هو، سو پنهنجو رخ ان ڪري ڦيرائي ويو، ڇو ته ان “آرٽيفيشل ۽ ويل ڪنٽرولڊ” (Artificial and Well controlled) طوفان کي تيار ڪندڙن جا پنهنجا رخ ۽ پنهنجون رمزون تبديل ٿي ويون.

سو! بقول اياز، اهو طوفان پري آهي. ڇو ته جهڙي تهڙي حال ۾ هي ملڪ اڃان تائين هلي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن ملڪ کي هلائڻ ۾ هن وقت حڪمرانن کان وڌيڪ اهم ڪردار ان عوام جو آهي، جيڪو عوام پکين کان پهرين اٿي ٿو پر پوري ڏينهن جي محنت مشقت کان پوءِ به هن جي چهنب کي ايترو چوڻو نصيب نه ٿو ٿئي جو هو ۽ هن جا ٻچڙا پنهنجي گجي ڀري سڪون سان سمهي سگهن.

طوفان جي تمنا ڪرڻ به تمام وڏي ڳالهه آهي پر طوفان صرف تمنائن سان نه ايندا آهن. خاص طور تي اهڙا طوفان، جهڙن طوفانن جي لاءِ سوريلي مصور ۽ شاعر سلوينڊور ڊاليءَ لکيو آهي ته:

“طوفان اچي رهيو آهي

۽ سمنڊ پنهنجي آرڪيسٽرا تيار پيو ڪري”.