سامونڊي طوفان: ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪريو!

0
139
سنڌ کي ڀوتارڪي آڪٽوپس مان نجات ڏياري وڃي!

سامونڊي طوفان ‘بائپر جواءِ’ تيز رفتاريءَ سان سنڌ ۽ گجرات جي ساحل ڏانهن وڌي رهيو آهي. موسميات کاتي موجب، سامونڊي طوفان 15 جون جي صبح تائين ڪيٽي بندر ۽ گجرات جي وچ ۾ ٽڪرائي سگهي ٿو. طوفان جي سنڌ جي ساحل تائين پهچڻ کانپوءِ ٺٽي، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 13 کان 17 جون دوران 80 کان 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائون لڳڻ ۽ گجگوڙ سان مينهن وسڻ جو امڪان آهي. 14 جون کان 16 جون تائين ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ 60 کان 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائن لڳڻ ۽ گجگوڙ سان تيز وسڪاري جو امڪان آهي. پاڪستان جي موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته، طوفان سان گڏ 8 کان 10 فوٽ بلند لهرون ساحليءَ پٽيءَ سان ٽڪرائجي سگهن ٿيون. مهاڻن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي، جڏهن ته سوين مهاڻا اڃا تائين کليل سمنڊ ۾ موجود آهن.

موسمي تبديليءَ جتي گرمي پد وڌايو آهي، اتي دنيا ۾ ڀُونءِ-ڪنب ۽ سامونڊي طوفانن جي سلسلي کي به تيز ڪري ڇڏيو آهي. عربي سمنڊ، جيڪو دنيا جو ماٺو ۽ پرسڪون سمنڊ سمجهيو ويندو هو، ان ۾ به مختلف وقتن تي هيجان برپا ٿيندو رهيو آهي. 19 مئي 1999ع تي آيل سامونڊي طوفان ٺٽي ۽ بدين جي سامونڊي پٽيءَ ۾ تمام وڏو نقصان ڪيو، هزارين ماڻهو مري ويا ۽ گم ٿي ويا. سوين ڳوٺ اهڙي نموني ميسارجي ويا، ڄڻ ته اتي انساني آبادي رهندي ئي نه هئي. لکين معصوم پکي ختم ٿي ويا، سوين هوڙا، جيڪي سمنڊ ۾ ويل هئا، اهي نه هوڙا تڙن تي آيا ۽ نه ئي گهاتو گهرن ڏي موٽيا. جڏهن طوفان جو زور ٽُٽو ته سوين ماڻهن جا لاش وڻن تي ٽنگيل مليا. 24 سال اڳ آيل ان تباهيءَ جو تصور ڪندي ئي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. هن ڀيري وري به سنڌ جي سامونڊي پٽي طوفان جي نشاني تي آهي پر ان سڄي معاملي کي سنڌ انتظاميا سنجيده نه پئي وٺي، ان کي رڳو الرٽ جاري ڪرڻ تي زور آهي. اسان سمجهون ٿا ته صرف الرٽ جاري ڪرڻ ئي ڪافي نه آهي. سامونڊي پٽيءَ جي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ انتظاميا جو فرض آهي. ماڻهو اڃا تائين ان امڪاني تباهيءَ کان بيخبر آهن، پي ڊي ايم طرفان به ڪنهن امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي تياري نٿي ڏسجي. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ بل بورڊز سبب گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو. گهڻين امڪاني برساتن سبب اڳواٽ نالن جي صفائي نه ٿي سگهي آهي. توڙي جو طوفان جو الرٽ ته گهڻا ڏينهن اڳ جاري ڪيو ويو هو، پر انتظاميا نه بل بورڊز هٽرائي سگهي آهي ۽ نه ئي ٻيا اپاءَ ورتا ويا آهن. امڪاني برساتن دوران پاڻيءَ جي نڪاسيءَ جي لاءِ انتظام ٿيڻ گهرجي. قدرتي آفتون دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به اچن ٿيون پر اتي جي انتظاميا جي اها ڪوشش هوندي آهي ته ان قدرتي آفت جا عوام تائين هاڃيڪار اثر گهٽ پهچن، پر اسان جي منتظمين جي انتظامي ادا ئي ‘اور’ آهي. قدرتي آفتن واري موسم هتي جي انتظاميا لاءِ منافعي بخش موسم آهي، ڪمائيءَ جي موسم هوندي آهي.

سامونڊي پٽيءَ سبب سڄي سنڌ ۾ ‘بائپر جواءِ’ جو شديد خوف ۽ ڏهڪاءُ آهي. ويتر ان ڏهڪاءَ ۾ اضافو حڪومت جي اڻپورن انتظامن ۽ پي ڊي ايم اي جي غير ذميواريءَ سبب ٿيو آهي. هن وقت ماڻهن کي سامونڊي پٽيءَ جي ڳوٺن مان ترت محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ڪم لاءِ فوج کان به مدد وٺي سگهجي ٿي. موسميات کاتي جي به اها ذميواري بڻجي ٿي ته اهو ماڻهن کي وقت بوقت سامونڊي طوفان جي صحيح صورتحال کان آگاهه ڪندو رهي، پر اجائي سنسني نه پکيڙي وڃي. حيسڪو ۽ ڪي- اليڪٽرڪ اختيارين کي به پابند ڪيو وڃي ته بجليءَ جي فراهميءَ ۾ تعطل نه اچڻ کپي، ڇو ته گٽرن ۽ برساتي پاڻيءَ جي نڪاسي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي بجليءَ جي بنا تعطل فراهميءَ تي آڌاريل هوندي آهي. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن مان بل بورڊز هٽرايا وڃن.