ڪابل (م ڊ) ڪابل ڌماڪن جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ 8 ٿي ويو، 20 کان وڌيڪ زخمي آهن، جڏهن ته جوابي ڪارروائي م سڀ حملو ڪندڙ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ڌماڪن جي ذميواري طالبان قبول ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ڪالهه ڪابل ۾ ورڊ ڪناري نصب بم ڦاٽڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. طالبان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن شهري علائقن تي حملا نه روڪيا ويا ته ڪابل حڪومت کي نشانو بڻائينداسين. جڏهن صوبي هلمند گادي واري شهر لشڪر گاهه ۾ افغان فضائيه جيولري سپر مارڪيٽ تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مارڪيٽ کي باهه لڳي وئي ۽ ماڻهن جو وڏو مالي نقصان ٿيو.