راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڪمانڊرز هر سطح تي پيشيوراڻي مهارتن تي ڌيان ڏين ۽ هر قسم جي چيلنجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهن. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سالياني ڪمانڊنگ آفيسرز ڪانفرنس جي موقعي تي بلوچ ريجمينٽل سينٽر ايبٽ آباد جو دورو ڪيو، جتي هن شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح خواني ڪئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه خطاب ۾ هر سطح تي بلوچ ريجيمنٽ جي اعليٰ پيشيورراڻي مهارتن ۽ معيار سميت مختلف آپريشنز ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کي ساراهيو. آرمي چيف چيو ته ڪمانڊوز پيشيوراڻي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيڻ سان گڏ تازين حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجو پاڻ کي تيار ڪريو، ڪمانڊرز هر قسم جي اڀرندڙ چيلنجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهن. ان کان اڳ آرمي چيف جو بلوچ ريجمينٽ سينٽر پهچڻ تي ڪرنل ڪمانڊنٽ بلوچ ريجمينٽ ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس استقبال ڪيو، آءِ جي آرمز ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان ۽ ڪمانڊنٽ بلوچ ريجمينٽ سينٽر برگيڊيئر عثمان ابن رياض به ان موقع تي موجود هئا.