طالبان جو افغانستان تي قبضو

0
245

عمران خان ڇا واقعي اها ڳالهه چئي آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي سوڀ غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. مونکي به اعتبار نه پيو اچي جيسيتائين مون هن کي يوٽيوب تي نه ڏٺو ۽ ٻڌو. يقين نه پيو اچي ته خان، تاريخ جي ابتڙ يا ڪا چڙ ڏياريندڙ ڳالهه ڪري سگهي ٿو. هڪ مهينو يا ڇهه هفتا اڳ، ماحول ڪهڙو به هو  پر جڏهن افغان مسئلي کي عام طور تي آمريڪا جي اتي ويهه سالا مداخلت ۽ موجودگي کي هڪ ناپسنديدا عمل جي طور تي نه صرف ڏٺو ويو پر ان جي وقت به وقت نندا به ٿيندي رهي. پي بي ايس ايوننگ نيوز تي پنهنجي هڪ انٽريو ۾، هو مونکي گهڻو، اعتدالي نتيجن کي ترجيح ڏيندڙ نظر آيو، افغانستان جي لاءِ ڪهڙي به قسم جو سياسي حل جنهن ۾، هو، هڪ وسيع البنياد حڪومت جي ڳالهه ڪري رهيو هو ۽ جنهن ۾ طالبانن جي به شموليت جي خواهش جو اظهار به ڪري رهيو هو. ويهه سالن واري جنگ جي باري ۾ ڳالهه ڪندي هن چيو پئي ته، “آمريڪين حقيقت ۾ هن ڪم ۾ رنڊڪ وڌي.” ڏهاڪو کن سال اڳ جڏهن اسان جا اتي ڏيڍ لک فوجي موجود هئا. باوجود ان جي هن مسئلي جو سياسي حل نڪري سگهي پيو.

ڪيترن ئي آمريڪين شايد هن سان اتفاق ڪيو هوندو، گهٽ ۾ گهٽ هن جي پهرين دعوى سان ته اسان مسئلي کي خراب ڪيو آهي. مون هن جي لفظن مان جيڪو مفروضو جوڙيو آهي اهو هي آهي ته آمريڪا جي واپسي بعد سياسي حل گهڻو ممڪن هو. خان جي پي بي ايس جي انٽرويو جي وقت، پوءِ به، هڪ سياسي حل کي گهڻن مبصرن پاران گهڻو پري واري هڪ نشاني جي طور تي ڏٺو ويو جيڪي هي سمجهي رهيا هئا ته سياسي حل کي حاصل نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ جو طالبان پنهنجي حتمي سوڀ جا قائل آهن، ۽ ان حتمي سوڀ جو مطلب شيطاني گهرو ويڙهه هئي ان کانپوءِ طالبان جي رت سان رڱيل سوڀ هئي.

خانصاحب ذڪر ڪيو ته، پاڪستان جي لاءِ بدترين صورتحال جو مطلب گهرو ويڙهه هوندي، يعني بنيادي طور تي لکين واڌو پناهگيرن جي آمد، جيڪي پاڪستان هليا ايندا.  مونکي لڳو ته هن جي انٽرويو جي تبصرن 20 سالا افغانستان جي جنگ ۾ پاڪستان جي پاليسي مقصدن جي باري ۾ مونکي بصيرت بخشي آهي. جيڪا ان وقت تائين ٽري ويل هئي پر صرف هڪ تبصري سان منهنجي هن يقين کي هٿي ملي آهي جنهن کي قومي سلامتي جي صلاحڪار معيد يوسف ڪجهه دير بعد ۾ ڪيو ته پاڪستان جنگ جي فوجي حل جي اجازت ڪڏهن به نه ڏيندو، هن ڳالهه جو سڌو سنئو مطلب ته هي بيهي ٿو ته پاڪستان طاقت جي ذريعي طالبان جي قبضي جي حمايت ڪونه ڪندو.

اصل ۾ مان افغان نتيجن تي وزيراعظم خان جي ظاهري خوشي تي حيران هئس، ۽ اڃا به آهيان ته منهنجي لاءِ هن جي اها ڳالهه منطقي لڳي رهي آهي ته پاڪستان ائين چاهي پيو ۽ ان جي لاءِ هن ڪم به ڪيو هوندو، هڪ سياسي حل جنهن ۾ طالبان کي حڪومت جو هڪ وڏو حصو ڏنو ويندو جنهن ۾ سندن بدترين حيواني عقل ۽ عقيدن کي هن حڪومت جي ٻين، گهڻو اعتدال پسند حصن پاران ناڪيلي وڌي ويندي. پر هاڻي پاڪستانين جي سامهون هڪ بدترين نتيجو ظاهر ٿي چڪو آهي، يعني طالبان جي حڪومت پنهنجي مڪمل اختيار سان گڏ (توڙي جو اڃا ان ظاهري شڪل صورت نه ورتي آهي ڇاڪاڻ اها اڃا منظم ٿي رهي آهي)، پر ستت ئي هن بدترين حيواني عقل تي مڪمل قبضو ڪرڻ جي لاءِ آزاد هوندي، نه صرف ملڪي پاليسي تي پر پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻين پاڙيسري ملڪن  جي لاءِ پاليسي ۾ به اها آزاد ٿي ڪم ڪندي.

جيڪڏهن مان غلط نه آهيان ته، افغانستان – پاڪستان جي لاڳاپن جي تاريخ پراڻن ۽ موجوده اختلافن ۽ الجهنن سان ڀري پئي آهي. مسئلا جهڙوڪ: ڊيورنڊ لائين هڪ ڊگهو پر حل طلب مسئلو، جنهن کي افغانستان ڪڏهن به تسليم ناهي ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي رڪنيت جي خلاف افغانستان جو ووٽ ۽ پشتونستان جي لاءِ افعانين جو دٻاءُ؛ وري موجوده مسئلن ۾، افغانستان جا انڊيا سان لاڳاپا، لشڪر طيبا جهڙين انڊيا مخالف انتهاپسند گروهن کي پاڪستان پاران پناهه ڏيڻ وارو سوال ۽ هنن سڀني مان سڀ کان وڌيڪ اهم اصل طالبان ۽ پاڪستاني طالبان (ٽي ٽي پي) وچ ۾ ويجهڙائي وارا لاڳاپا آهن جهڙي طرح ٽي ٽي پي جي پاڪستان سان ويڙهه هلندڙ آهي. هي ته صرف امڪاني مسئلن جي هڪ ننڍڙي فهرست آهي هن ۾ گهڻا عام مسئلا ته شامل ئي ناهن، جهڙي طرح هي امڪان به موجود آهي ته طالبان گهڻ قومي دهشت گرد گروهن کي افغانستان کان ٻاهر رکڻ واري پنهنجي واعدي تان ڦري ويندا، جيڪو پوري خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي پاڙيسرين سان سنگين مسئلن کي اڀاري سگهي ٿو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اولهه جي وڏين طاقتن کي مداخلت جو ٻيهر جواز فراهم ڪري سگهي ٿو.

هاڻي مان معيد يوسف جي بيان کي منهن جي پڪائي طور نٿو کڻان، ڇوته مونکي شڪ هو ته پاڪستان هن پاليسي جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندو جنهن کي هن ڀرپور جوش و خروش سان گڏ بيان ڪيو هو، يعني هو پنهنجي اڳوڻي جنگي حڪمت عملين (پراڪسيز) ۾ ڪاهي پوندو. سوال هي آهي ته پاڪستان جو طالبان تي ڪهڙي قسم جو اثر آهي. آخرڪار پاڪستان جي آءِ ايس آءِ 1994ع ۾ طالبان کي پيدا ڪيو هو، هن سوچ سان نه ته هڪ رياست پاران ٻي رياست تي قبضو ڪيو ويندو پر هڪ اهڙي قوت جي طور تي جيڪا افغانستان جي هڪ اهڙي علائقي ۾ استحڪام آڻي سگهي جنهن جي ذريعي پاڪستاني تاجر ۽ ٻيا تاجر اچي وڃي سگهن ۽ ازبڪن، تاجڪن ۽ افغانستان جي ٻين اترادي پاڙيسرين سان ڪاروباري لهه وچڙ جاري رکي سگهن. پر طالبان هاڻي پاڻ قوت بڻجي ويا آهن. هتي مونکي سدائين فرانڪن اسٽائن جهڙي عظيم ماڻهو جي ياد اچي ٿي. هڪ جنگي حڪمت عملي (پنهنجي ڪيئي جي سزا) تيار ڪرڻ جيڪا پنهنجي ئي تخليقڪارن کي اڦٽ ماري ڇڏي ٿي. مان هن افساني کي پاڪستان جي جنگي حمڪت عملين جي استعاري جي طور تي لکيو آهي (۽ هنن جنگي حڪمت عملين جا خطرا جيڪي هن جي خالق کي تباهه ڪري رهيا آهن). پر اڃا تائين پاڪستان ان نتيجي کان محفوظ رهيو آهي.پر پاڪستان جيڪا سڀ کان وڏي جنگي حڪمت عملي تيار ڪئي اها طالبان جي شڪل ۾ موجود آهي جنهن اڃا تائين پنهنجي خالق کي تباهه ڪرڻ جي خواهش رکڻ جو ثبوت نه ڏنو آهي، پر اها هاڻي هن جي قابو کان به ٻاهر وڃي چڪي آهي. مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته پاڪستاني اڳواڻن کي هي احساس ٿيو آهي ته اهي طالبان تي پنهنجو اثر وڃائي رهيا آهن جڏهن طالبان پاڪستان جي اهم ايلچين کي نظرانداز ڪيو هو جيڪي هنن کي باميان جي ٻڌ جي مجسمن کي تباهه نه ڪرڻ جون منتون ڪري رهيا هئا. مان جنرل مشرف جي ميڄالي اندر تجليون ڏيندڙ روشني کي تقريباً ڏسي سگهان پيو جڏهن هن اها خبر ٻڌي هئي. مونکي شڪ آهي ته پاڪستان جو اڃا به طالبان تي اثر رسوخ هلي ٿو پر ڪجهه محدود مامرن تي؛ هڪ خاص وفاداري هن قابل ته آهي ته طالبان کي پاڪستان ۾ پناهه ملي سگهي ٿي جڏهن اهي ڪنهن مشڪل ۾ ايندا. پر هن ڀيري طالبان افغانستان تي ڪهڙي طريقي سان حڪومت ڪندا اهو شايد انهن جنگي حڪمت عملين ۾ شامل ناهي. ائين لڳي ٿو ته طاقت جي ذريعي رياست تي قبضو ڪرڻ به انهن جنگي حڪمت عملين کان ٻاهر هو.

هڪ دفعو جڏهن آمريڪا جي فوج ۽ ٺيڪيدارن جي واپسي ٿيڻ لڳي ته ان بعد پاڪستاني اڳواڻ، آمريڪي اڳواڻن ۽ گهڻن مبصرن وانگي افغان حڪومت جي خاتمي جي رفتار تي حيران و پريشان ٿيا هوندا، ۽ مزي جي ڳالهه ته هنن کي قبضي کي روڪڻ جو وقت به نه مليو. پر سچ پڇو ته، هنن پاران ڪوشش ئي نه ڪئي وئي، ۽ مونکي پڪ آهي ته طالبان لڳ ڀڳ شروع کان ئي طاقت جي ذريعي افغانستان کي واپس وٺڻ جي لاءِ تيار هئا. هنن جو هي ارادو صرف ان وقت سخت بڻجي ويو جڏهن هنن، آمريڪين جي گهڻائي جي موجودگي جو تجربو ڪيو، بعد ۾ وري آمريڪا پاران فوجين کي واپس گهرايو ويو، اسان جي سوڀ جي خواهش ڪومائجي وئي، ۽ اهڙي طرح اسان يقين ۾ نه ايندڙ رت جي راند کانسواءِ ائين ٿيڻ کي پنهنجي ويجهي کان ڏٺوسين.

منهنجو اندازو هي آهي ته جوش ۾ ڀرپور خان ۽ هم خيال پاڪستانين پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيوآهي ته طالبان پاران افغانستان تي مضبوط گرفت اسان جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي سگهجي ٿي. پاڪستان کي ڪجهه سنگين پرڏيهي ۽ گهرو پاليسي مسئلا سامهون اچي سگهن ٿا ڇوته طالبان خطي ۾ پنهنجي حقيقي مددگارن کي داءُ تي لڳائڻ شروع ڪري ڏنو آهي. هن کان علاوه، يقيناً، پاڪستان جي سلامتي واري حالت جي شڪل به بدلجي سگهي ٿي. تمام گهڻي غلط فهمي ۽ تمام گهڻي نظرثاني ٿيل حڪمت عملي جي گهرائي سلامتي پاليسي جي بنياد تي هڪ دوستاڻي، يا گهٽ ۾ گهٽ پيچيدا افغانستان جي ضرورت آهي، ۽ مان پريشان آهيان ته جيڪڏهن هي سڀ ڪجهه ائين ئي هلندو رهيو ته پوءِ ڇا ٿيندو.

افغانستان ڪيترن ئي سالن کان معاشي ترقي ۽ جديديت جو ڪوبه فائدو ناهي کنيو جنهن کي هن کي پنهنجي محل وقوع جي حساب سان فروغ ڏيڻ گهرجي ها. ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جي وچان هڪ اهم راهداري جي بدلي، هي بنيادي طور تي پاڙيسرين ۽ ٻين حملي آورن جي جنگي حڪمت عملين جي وچ ۾ جنگ جو ميدان بڻيل رهيو. افغانستان – پاڪستان جا لاڳاپا تاريخي طور تي مسئلن جي ور چڙهيل رهيا آهن، ۽ تمام گهٽ دوستاڻا نظر آيا آهن. جڏهن طالبان 1996ع ۾ اقتدار تي قبضو ڪيو هو ته پاڪستان طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ ۾ رهنمائي فراهم ڪئي هئي. 9/11 کانپوءِ پناهگيرن ۽ ڀڄڻ وارن (۽ دهشت گردن سميت خالد شيخ محمد ۽ اساما بن لادن) کي پنهنجي پناهه ڏني وئي.

طالبان ۽ پاڪستاني حڪومت جي مختلف قوتن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ نسبتاً استحڪام جو هي 25 سالا دور شايد انهن پاڪستانين جي وچ ۾ گڏيل سهڪار جي مستقبل جي لاءِ ڪا اميد واري ڳالهه هجي جيڪي وزيراعظم خان جي جذبن کي درست سمجهن ٿا. اهي شايد تاريخ ۾ وڌيڪ پوئتي نٿا وڃڻ چاهين. پاڪستان طالبان کي پيدا ڪيو ۽ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ هنن کي جهادين ۾ شامل ڪيو ڇوته هي سمجهيو ويندو هو ته طالبان پشتون قومپرستي تي اسلام کي فوقيت ڏني آهي، ۽ اهڙي طرح پشتونستان جو خطرو پٺتي هليو ويو آهي.

طالبان جي نظريي جي باري ۾ پاڪستان جي پريشاني بلوچستان ۾ بظاهر نه ختم ٿيڻ واري بغاوت ۽ 1971ع ۾ ملڪ جو ٻه ٽڪر ٿيڻ واري تقريباً وسريل نقصان جي باري ۾ آهي، جنهن کي اڃا به غلط طور تي نسلي بغاوت قرار ڏنو وڃي ٿو. پر هي ٻئي بغاوتون پاڪستاني رياست ۾ سنگين ساختي خامين جي علامتن طور موجود رهيون آهن.

لڳي ٿو ته طالبان، افغان قومپرستن جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. اسان هن جي باري ۾ تڏهن وڌيڪ ڄاڻنداسين جڏهن اسان ڏسنداسين ته اهي گهڻ قومي اسلامي انتهاپسندن سان ڪهڙي طرح سان منهن ڏين ٿا جيڪي ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اتي آڱرين کي پڪڙڻ جون ڪوششون شروع ڪندا. جيڪڏهن اهي گهڻ قومي اسلامي انتهاپسند تنظيمن کي اتي پير ڄمائڻ جي اجازت ڏين ٿا ته، اولهه جا ملڪ پابندين کي برقرار رکڻ ۽ اقتصادي امداد کي محدود رکڻ جي حق کي محفوظ رکن ٿا. هن عمل جا معاشي اثر مزاحمت جو سبب بڻجي سگهن ٿا ۽ بالآخر پاڪستان جون بدترين سياسي، سماجي يا معاشي حالتون، گهرو ويڙهه جي طرف وڃي سگهن ٿيون. پر منهنجي خيال ۾ طالبان جو ائين ڪرڻ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي، ۽ اهي افغان قومپرستن جي طور تي نروار ٿيندا، اهي مدد ۽ بحالي جي خواهش رکندڙ آهن. هن جو لازمي طور تي هي مطلب نه آهي ته اهي پشتونستان جي تحريڪ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ واپس اچي رهيا آهن، پر هن سان گهڻو امڪان هي به آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پشتون تحفظ مومينٽ (پي ٽي ايم) ۽ رياست جي لاءِ هڪ دڙڪي جي طور تي مدد ضرور شروع ڪندا، جيڪا يقيني طور تي بلوچستان ۾ مشڪلاتن ۾ اضافو آڻيندي.

پنهنجي هن ٽڪري کي ختم ڪرڻ کان اڳ هڪ ٻي ڳالهه جيڪا عمران خان جي “غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ” واري افغان رياست تي طالبان پاران طاقت جي زور تي قبضي واري ڪٿ ڏانهن واپس وڃي ٿي. مان شرط ٿو لڳايان ته هر افغان عورت جيڪا اهو محسوس ڪري ٿي ته زنجيرون ٽٽي چڪيون آهن، هتي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ٻيون اهڙيون آهن جيڪي محسوس ڪن ٿيون ته غلامي جون زنجيرون واپس لڳي چڪيون آهن. صرف طالبان جي خوف کان بچڻ جي لاءِ خوشي ۾ مست رستن تي نڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجي جانين جي خوف کي لڪائي رهيا آهن؛ ۽ اهڙي طرح هي سلسلو اڃا به جاري آهي. ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا افغانستان ۾ ڪجهه سنگين غلطيون ڪيون آهن، ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان جي قدمن سبب بيگناهه ماڻهو قتل ٿي ويا آهن. پر مان هتي لکين ماڻهن جي ان وڏي خوشي کي به ياد ڪرڻ چاهيندس جڏهن اسان افغانستان ۾ طالبان جي قبضي کي ختم ڪيو هو، ۽ ماڻهن جي منهن تي هڪ عظيم خوف کي به محسوس ڪيو هو اهو هي ته جيڪڏهن طالبان افغانستان تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ افغانستان ۾ اسان جي 20 سالن جي موجودگي جي باوجود هنن جي ظالماڻي حڪومتي دور جي ياد اڃا به تازي آهي. (فرائي ڊي ٽائيمز جي ٿورن سان؛ سنڌيڪار: سڪندر گلاب سومرو)