اڳوڻي آمريڪي فوجي فائرنگ ڪري کير پياڪ ٻار سوڌو 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

0
245
اڳوڻي آمريڪي فوجي

واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ) عراق ۽ افغانستان جي جنگين ۾ شريڪ ٿيندڙ اڳوڻي آمريڪي فوجي فائرنگ ڪري ھڪ معصوم ٻار سوڌو 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

آمريڪي رياست فلوريڊا جي پولڪ ڪائونٽي جي پوليس موجب اڳوڻي آمريڪي فوجي برين ريلي ھڪ رھائشي اپارٽمينٽ ۾ فائرنگ ڪري 40 ورھين جي شخص، 33 ورھين جي عورت ۽ ان جي ھنج ۾ وجود 3 مھينن جي معصوم ٻار ۽ ٻار ڏاڏي کي قتل ڪري ڇڏيو آھي.

عملدارن موجب مٿي کان پيرن تائين بلٽ پروف لباس پھريل جوابدار پاڻ کي پوليس حوالي ڪرڻ کان اڳ فائرنگ ڪري ھڪ 11 ورھين جي ڇوڪري کي بھ زخمي ڪيو.