اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمران خان مٿان حملي جي مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عمران خان سوڌو سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون، واقعي ۾ فوت ٿيل سياسي ڪارڪن جي خاندان سان به تعزيت ڪيان ٿو، هن چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي جي سربراهه تي ڏينهن ڏٺي جو حملو ٿيڻ انتهائي ڳڻتي ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، ان طرح جا کلي عام واقعا موجوده سياسي پولورائيزيشن کي وڌيڪ وڌائيندا جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچندو، صدر سيڪيورٽي ادارن کان مطالبو ڪيو ته عمران خان جي لانگ مارچ ۾ شامل ماڻهن کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني وڃي جيڪي پنهنجي جائز مطالبن جي حاصلات لاءِ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪري رهيا آهن، عمران خان تي ٿيل حملي جي مجرماڻي عمل جي منصفاڻي جاچ ڪري واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.