گجرانوالا (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين جي ڪنٽينر تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي پهرين هڪ ڪارڪن پڪڙيو، جنهن بعد کيس سيڪيورٽي اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو، وڊيو ۾ هڪ نوجوان حملو ڪندڙ کي پڪڙيندي نظر اچي رهيو آهي، جڏهن هڪ ٻئي شخص به کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ان سلسلي ۾ گرفتار جوابدار شروعاتي جاچ ۾ ئي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، پنجاب پوليس جوابدار جو وڊيو بيان رڪارڊ ڪري جاري ڪيو، جنهن ۾ جوابدار عمران خان تي حملي جو اعتراف ڪندي چيو ته مون عمران خان کي ان ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته هو ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، آذان وقت اسپيڪر هلندا آهن، گوڙ جاري رهندو آهي، منهنجي ضمير کان برداشت نه ٿيو. هن چيو ته رڳو عمران خان کي مارڻ چاهيو، ٻئي ڪنهن کي مارڻ نه پئي چاهيو‏، هڪ سوال تي جوابدار چيو ته منهنجي پويان ڪير به ناهي ۽ نه ڪنهن جو ان ۾ هٿ آهي، اڪيلي سر اهو ڪم ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جنهن ڏينهن کان لانگ مارچ لاهور مان نڪتو، انهن ڏينهن کان حملي جو سوچي رهيو هيس. حملو ڪندڙ جوابدار جي نويد طور سڃاڻپ ٿي وئي آهي، پنجاب پوليس موجب گرفتار جوابدار نويد وزيرآباد جي سوهدره جو رهواسي آهي، جوابدار چوري جي الزام هيٺ جيل به وڃي چڪو آهي.