صدر عارف علوي قومي احتساب ترميمي بل 2023 نظرثاني لاءِ پارليامينٽ ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو

0
122

صدر عارف علوي قومي احتساب ترميمي بل 2023 نظرثاني لاءِ پارليامينٽ ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو آهي

صدر بل واپس اماڻيندي چيو آهي ته قومي احتساب آرڊيننس 1999 ۾ اڳ ڪيل ترميمون سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهن، بل ۽ وزيراعظم جي ايڊوائيس ۾ ان جو حوالو نه ڏنو ويو آهي

صدر عارف علوي جو چوڻ آهي ته قومي احتساب آرڊيننس 1999 ۾ وڌيڪ ترميمن تي وڌيڪ غور ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم آئين جي آرٽيڪل 75 تحت بل منظوري لاءِ صدر ڏانهن اماڻيو هو، صدر آرٽيڪل 75 ون  بي تحت بل پارليامينٽ ڏانهن واپس اماڻيو

هي به پڙهندا

پوليس پي ٽي آءِ جي مستعفي ميمبرز کي پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو