پوليس پي ٽي آءِ جي مستعفي ميمبرز کي پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو

0
352
پوليس پي ٽي آءِ جي مستعفي ميمبرز کي پارليامينٽ هائوس
پوليس پي ٽي آءِ جي مستعفي ميمبرز کي پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي مستعفي ميمبرز کي پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو،  پي ٽي آءِ جي مستعفي ميمبرز پارليامينٽ هائوس جي گيٽ آڏو احتجاج ڪيو

قومي اسيمبلي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسپيڪر آئيني ماهرن سان مشاورت بعد فيصلو ڪيو ته پي ٽي آءِ جي مستعفي ميمبرز کي اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني ويندي

سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ميمبرز جي استعيفيٰ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن جو آرڊر معطل ڪيو هو، عدالت اسپيڪر جي نوٽيفڪيشن بابت ڪوبه فيصلو نه ڏنو

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسپيڪر کي اسان سان ڳالهائڻو ئي ناهي، هو جانبداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، حڪمران عدالتي فيصلو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن، سندن نيت صحيح نه آهي