وزيراعظم ۽ حنا رباني کر جي آمريڪا سان لاڳاپن بابت ڳالهه ٻولهه ليڪ ٿي وئي

0
186

وزيراعظم ۽ حنا رباني کر

وزيراعظم شهباز شريف ۽ مملڪتي وزير حنا رباني کر جي آمريڪا سان لاڳاپن بابت ڪيل ڳالهه ٻولهه ليڪ ٿي وئي، آمريڪي اخبار پاران ڊسڪورڊ ليڪس جي دستاويزن بابت شايع ڪيل رپورٽ موجب وزيراعظم ۽ حنا رباني کر جي اها ڳالهه ٻولهه يوڪرين تڪرار تي گڏيل قومن ۾ ووٽنگ بابت آهي

 ليڪ ٿيل دستاويزن موجب حنا رباني کر يوڪرين واري تڪرار تي آمريڪي ٺهراءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي، حنا رباني چيو ته پاڪستان کي اولهه کي خوش ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي

دستاويزن موجب آمريڪا سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ قائم رکڻ واري خواهش چين سان اصلي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي قربان ڪري ڇڏيندي

وزيراعظم کي معاون مشورو ڏنو ته قرارداد جي حمايت سان روس سان واپار ۽ توانائي جا معاهدا خطري ۾ پئجي سگهن ٿا، آمريڪي اخبار موجب پاڪستاني اختيارين ليڪ ٿيل دستاويزن تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

صدر عارف علوي قومي احتساب ترميمي بل 2023 نظرثاني لاءِ پارليامينٽ ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو