ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان فٽبال ٽيم جو صدارتي ايوارڊ يافته اڳوڻو ڪپتان ۽ انٽرنيشنل فٽبالر علي نواز بلوچ 78 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڪستان فٽبال جي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ علي نواز بلوچ آر سي ڊي فٽبال ڪپ ۾ 1974ع کان 1980ع تائين پاڪستان جي قيادت ڪئي. هن 1960ع ۾ برصغير جي مشهور فٽبال ڪلب ڪلڪته محمڊن جي نمائندگي جو به اعزاز حاصل رهيو. هن گڏيل عرف امارات ۾ امارات ڪلب طرفان پروفيشنل فٽبال کيڏي ۽ ڪوچنگ ڪئي. سينٽر فارورڊ جي پوزيشن تي کيڏندڙ علي نواز بلوچ مختلف ميچز ۾ هيٽ ٽرڪ به ڪئي، جڏهن ته ڪلڪته محمڊن طرفان امارتي ٽيم خلاف هن جي ٽرپل هيٽ ٽرڪ يادگار آهي. فٽبالر علي نواز بلوچ جي لاڏاڻي تي فٽبال حلقن، اڳوڻي ڪپتان معين خان، سرفراز احمد، عالمي اسڪواش چيمپين جهانگير خان ۽ ٻين تعزيت جو اظهار ڪيو.