لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جي پاڪستان جي زمبابوي هٿان شڪست کانپوءِ هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. هڪ نجي ٽي وي چينل تي ڳالهائيندي فاسٽ بالر وسيم اڪرم چيو ته “شعيب ملڪ منهنجي اڳيان ويٺو آهي ڪپتان طور منهنجو ٽارگيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ آهي، پنهنجو ڪم ڪڍڻ لاءِ جيڪڏهن مونکي گڏهه کي به پيءُ بڻائڻو پوي ها ته بڻائي ڇڏيان ها. هن چيو ته جيڪڏهن شعيب ملڪ ٽيم ۾ گهرجي ته مان چيف سليڪٽر ۽ چيئرمين کي چوان ها ته مونکي گهرجي نه ته ڪپتاني کان انڪار ڪري ڇڏيندس، پاڪستان محلي جي ٽيم نه آهي جو منهنجو دوست کيڏي يا منهنجو ڪو واقف اچي وڃي. هوڏانهن شعيب اختر به ٽيم مينجمينٽ تي سخت تنقيد ڪئي هن چيو ته بابراعظم هڪ خراب ڪپتان آهي، مان اهو پهريان به چئي چڪو آهيان ۽ مان ٻيهر به چئي رهيو آهيان، ايوريج پليئرز سان گڏ ايوريج نتيجو ئي نڪرندو آهي جيڪو نظر اچي رهيو آهي. مان پهريان ئي چئي ڇڏيو هو ته پاڪستاني ٽيم هن هفتي واپس ايندي، شعيب اختر ڀارتي ٽيم جي حوالي سان به اڳڪٿي ڪندي چيو ته ڀارتي ٽيم کي به سيمي فائينل ۾ شڪست ٿيندي.