اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت صحت بابت نيشنل ٽاسڪ فورس جي نيئن سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي، جنهن ۾ وبائي، انفيڪشيئس ڊيزيز ماهرن کي شامل ڪيو ويو آهي. ٽاسڪ فورس 14 رڪني آهي، ڊاڪٽر سيمي جمالي کي چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو آهي، سيمي جمالي جناح اسپتال ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رهي چڪي آهي. سيمي جمالي ان ٽاسڪ فورس ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندي، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر ايس محمد علي اي صادق (پنجاب)، ڊاڪٽر تاج بلوچ (بلوچستان)، ڊاڪٽر محمود اورنگزيب (ڪي پي ڪي)، ڊاڪٽر سيد مزمل حسين بخاري (آزاد ڄمون ۽ ڪشمير) شامل آهن. ان کانسواءِ ڊاڪٽر شير حافظ (گلگت بلتستان)، پروفيسر رضوان تاج (آءِ سي ٽي)، اڳوڻي سينيٽر عائشا رضا فاروق، ڊاڪٽر راڻا محمد صفدر، ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر طاهر مختار سيد، ڊاڪٽر سيد علي فرحان رضي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف نظامي ۽ ڊاڪٽر سيد اسرار حسين به ٽاسڪ فورس ۾ شامل آهن.