لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي قطب ڪالوني جي رهواسي برسات متاثر پورهيت نورل چانڊيو واهر نه ٿيڻ تي پريس ڪلب پهچي ٽن معصوم ٻارڙن سمير، امير ۽ ظهير چانڊيو کي وڪري لاءِ پيش ڪري “راشن ڏيو ٻار وٺو، ٽينٽ ڏيو ٻار وٺو” جا هوڪا ڏيندو رهيو، جنهن کي ڏسي شهري اچرج ۾ پئجي ويا. ان موقعي تي پورهيت نورل چانڊيو دانهيو ته آءُ تگاري کڻي پنهنجي 4 نياڻين، 5 پٽن ۽ گهر واري جو پيٽ گذر ڪندو آهيان، برساتن سبب گهر ڊهي پٽ پئجي ويو.رائيس ڪئنال جي ڪڙ تي رهون ٿا، راشن، خيما توڙي ٻيو سامان ناهي مليو،ٻارڙا ٽن ڏينهن کان بکايل آهن.مجبور ٿي ٽنهي معصوم پٽن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏئي رهيو آهيان، جيئن کين پئسن تي وڪرو ڪري پنهنجي لاءِ راشن ۽ ٽينٽ وٺي سگهان.