شھدادڪوٽ (رپورٽ: اسحاق بوزدار) شھدادڪوٽ لڳ ڪارنھن الزام ھيٺ ڏير ھٿان ڀاڄائي قتل، جوابدار فرار، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، ڪيس داخل نه ٿيو. خبر موجب سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ اعظم بروھي ۾ ڏير نياز بروھي ڪارنھن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري پنهنجي نوجوان ڀاڄائي مسمات نظيران زال کبڙ بروھي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي سنجر ڀٽي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول عورت جو لاش تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ڪارنهن تان پيش آيو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو قتل ڪيس نه داخل ٿي سگهيو ھو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.