هالا (ن پ ا) هالا ۾ مخدوم غوث الحق سرور نوح جو عرس عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، درگاهه سرورنوح جي گادي نشين مخدوم جميل الزمان، ولي عهد مخدوم محبوب الزمان ۽ سروري جماعت جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان درگاهه سرورنوح تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي عرس جي تقريب جو افتتاح ڪيو ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان عرس ۾ شرڪت لاءِ پهتل مريدن کي زيارت ڪرائيندي ملڪ جي ترقي ۽خوشحالي لاءِ دعاپڻ گهري، جڏهن ته عرس جي موقعي تي درگاهه سرورنوح کي رنگين بلبن سان سينگاريو ويو، جڏهن ته درگاهه تي پيئڻ جي پاڻي جا اسٽال ۽ طبي ڪئمپ پڻ لڳائي وئي.