شڪارپور ۽ ڪشمور سميت گهوٽڪي ۾ به امن قائم ڪرائبو: شبير علي بجاراڻي

0
465
مخالف اميدوار جي پيءُ تي مبينا حملو، شبير بجاراڻي سميت 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل
مخالف اميدوار جي پيءُ تي مبينا حملو، شبير بجاراڻي سميت 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ڪرمپور(ن پ ا) صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي ڪرمپور اسپتال ۾ ڪورونا ويڪسين سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صوبائي وزير چيو ته ڪچي ۾ آپريشن دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو، پوليس جي ٻن جوانن سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا جنهن تي افسوس ٿيو، هن چيو آهي ته واقعي بعد سي ايم سنڌ پاڻ آءِ جي سميت شڪارپور پهچي پوليس آفيسرن کان تفصيل ورتا ۽ آپريشن بابت احڪامات جاري ڪيا، پلاننگ صحيح نه هجڻ ڪري واقعو پيش آيو، آفيسرن جي ڪوتاهي سبب کين بدلي ڪري نوان آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن، هن چيو آهي ته آفيسرن کي سي ايم پاران حڪم ٿيل آهي ته شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ڌاڙيل عناصر خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي ۽ لا ان آڊر بحال ٿيندو، پوليس ڏوهارين تائين اڳ ۾ به پهتي هئي هاڻي به پڄندي انشاءَ الله شڪارپور ۽ ڪشمور سميت گهوٽڪي ۾ به امن قائم ٿيندو، هن چيو آهي ته ايس ايس پي تنوير تنيو سٺو آفيسر آهي هن کي هن علائقي بابت ڄاڻ آهي هو ضرور امن بحال ڪرائينو، هن سڄي معاملي کي سي ايم پاڻ ڏسي پيو هن ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺي پوءِ آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي انشاء الله ٿوري عرصي ۾ امن بحال ٿي ويندو.