ممبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جا چاهيندڙ کيس فلمن ۾ مختلف ڪردارن ۾ وڙهندي ڏسي چڪا آهن پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته شاهه رخ خان ننڍي هوندي اسڪول ۾ به ٻارڙن جا ڏند ڀڃي چڪو آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب شاهه رخ خان جي پالنا ممبئي منتقل ٿيڻ ۽ هڪ وڏو اسٽار بڻجڻ کان اڳ نئين دهلي ۾ ٿي هئي، اداڪار پنهنجي شروعاتي تعليم ايس ٽي ڪولمبا اسڪول ۾ مڪمل ڪئي ۽ پڙهائي دوران هن مختلف راندين ۾ تعليم حاصل ڪئي، ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي ته جنهن ۾ کيس انر ورلڊ آف شاهه رخ خان جي عنوان سان ٺاهي ويندڙ دستاويزي فلم لاءِ پراڻي اسڪول جو درو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، شاهه رخ خان پنهنجي اسڪول جي دوري دوران پراڻن سڃاڻپ وارن ماڻهن سان ملاقات ڪئي، اداڪار سان مختصر ملاقات ڪندڙ شخص بالي ووڊ ڪنگ کي ننڍپڻ ۾ پيش آيل واقعو ياد ڏياريو، ان شخص شاهه رخ کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي ياد آهي ته اوهان ماڊرن اسڪول جي ٻارڙن جا ڏند ڀڳا هئا؟ شاهه رخ خان سول تي جواب ڏيڻ کانسواءِ ئي کلي ڏنو، شاهه رخ خان اسڪول انتظاميا سان ملاقات به ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته هو واپس ايندو ۽ پنهنجي پٽ آريان کي به گڏ وٺي ايندو.