شڪارپور پوليس اي پي سيز تي مٽيءَ جون ٻوريون رکي ڌاڙيلن سان آپريشن لاءِ موڪلي ڇڏيون

0
560

شڪارپور پوليس جو ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ناڪام ٿي ويو، پوليس پاران ٽيڪسلا مان جديد بڪتربند ۽ هٿيار گهرائڻ واري ڳالهه ڊرامو نڪتو، شڪارپور پوليس ساڳين بڪتربند اي پي سيز تي مٽي جو ٻوريون رکي ڳڙھي تيغو موڪلي ڇڏيون، پوليس اهلڪارن جي شهادت واري واقعي کي 17 ڏينهن گزري ويا پوليس هڪ به ڌاڙيل گرفتار نه ڪري سگهي، شڪارپور ضلعي مان اغوا ٿيل 8 مغوين کي به هڪ مهينو گزرڻ باوجود پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، پوليس موجب بڪتربند اي پي سيز جي چادر ڪمزور هجڻ ڪري ڌاڙيلن جي گولين کان بچڻ لاءِ مٽي جون ٻوريون رکيون آهن