شيرين مزاري جو خط عالمي اسٽيبلشمينٽ کي پاڪستاني سياست ۾ مداخلت جي دعوت آهي: پي ڊي ايم ترجمان

0
239
شيرين مزاري جو خط عالمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي گڏيل قومن کي لکيل خط تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي

پي ڊي ايم جي ترجمان چيو ته شيرين مزاري جو خط عالمي اسٽيبلشمينٽ کي پاڪستان جي اندروني سياست ۾ مداخلت جي دعوت آهي

حافظ حمدالله چيو ته توهين رسالت وارو قانون ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيندو، ملڪي قانون تحت ڪنهن کي به توهين رسالت جي اجازت ناهي

هن پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما پاران آرمي چيف کي لکيل خط کي به اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ مداخلت جي دعوت قرار ڏنو ۽ چيو ته گورنر آئين ۽ حلف جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي

ياد رهي ته اڳوڻي انساني حقن واري وزير شيرين مزاري گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشر کي خاص خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته حڪومت دهشتگردن جي اتحادي مبينا قاتل کي گهرو وزير مقرر ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

آءِ ايم ايف سان معاهدي موجب اڄ ڊيزل 150 رپيا مهانگو ٿيڻ گهرجي: مفتاح اسماعيل