ڦلجي اسٽيشن(ن.پ.ا)شهيد مخدوم بلاول جي رگاهه جو خدمتگار محمد بخش پنهور لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌ جي سپوت شهيد حضرت مخدوم بلاول (رح) جو خدمتگار ۽ ڳوٺ فوٽو خان پنهور جو نيڪ مرد الحاج محمد بخش پنهور مختصر وقت بيمار رهڻ بعد ڦڦڙن جي تڪليف سبب 70 سال جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪريو ويو، سندس جنازي نماز اڄ ادا ڪرڻ بعد شهيد مخدوم بلاول جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.