پنگريو (ن پ ا) پنگريو ۽ ڀرپاسي جي مستحقن لاءِ آيل 5000 ھزار احساس ڪفالت فارم هڪ پرائيويٽ شخص کي ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب ڪجھه ڏيھن اڳ پنگريو پوسٽ آفيس ۾ 5000 ھزار احساس ڪفالت فارم آيا ھئا، جن کي ميبنا طور پوسٽ عملي في فارم ھڪ سئو رپين جي حساب سان هڪ پرائيويٽ ماڻھو کي وڪرو ڪري ڏنا ويا آھن، ٻڌايو پيو وڃي ته ٽائون ڪاميٽي پنگريو ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي ھزارين ماڻھن جي احساس ڪفالت سروي ڪئي وئي ھئي، جن جو پتو پوسٽ آفيس پنگريو لکيل ھو، انھن جا فارم پوسٽ آفيس پنگريو تي آيا پر فارم مستحقن بدران ھڪ پرائيويٽ ماڻھو کي ڏنا ويا آهن، ٻي طرف مستحقن محمد خان، ولي محمد، رسول بخش، خدابخش ۽ ٻين ٻڌايو ته ھڪ ايجنٽ 500 رپيا وٺي پوءِ فارم ڏئي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مفت ۾ فارم ڏياريا وڃن، ٻي طرف پنگريو جي پوسٽ جي آفيسر غلام قادر راھمون ٻڌايو ته پوسٽ آفيس تي فارم نه مليا آھن.